سريلنڪا خلاف ڪولمبو ٽيسٽ دوران اهم بيٽسمينن جي آئوٽ ٿي وڃڻ ڪري اسان ميچ ۾ واپس نه اچي سگھياسين: مصباح الحق

ڪولمبو (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ٽيسٽ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان مصباح الحق چيو آهي ته سريلنڪا خلاف ڪولمبو ٽيسٽ دوران اهم بيٽسمينن جي آئوٽ ٿي وڃڻ ڪري اسان ميچ ۾ واپس نه اچي سگھياسين. هن چيو ته اسان سٺو کيڏي رهيا هئاسين پر سريلڪن بالرن بهترين راند جو مظاهرو ڪيو ۽ اسان ناڪام وياسين. ڪولمبو ٽيسٽ ۾ شڪست کان پوءِ ڪپتان مصباح الحق ميڊيائي نمائندن سان ڳالهائيندي چيو ته ايندڙ ميچ ۾ وڪيٽ ڏسي وهاب رياض جي جاءِ تي ڪنهن بالر جي چونڊ ڪنداسين، انهن بالرن ۾ راحت علي به هڪ آپشن آهي. مصباح چيو ته ياسر شاهه ۽ اظهر علي ٽيم لاءِ بهترين پرفارم ڪيو آهي، ٻنهي رانديگرن هر ميچ ۾ بهتر ڪارڪردگيءَ سان پنهنجي چونڊ جي صحيح ثابت ڪيو آهي. هن چيو ياسر ۽ اظهر علي هر ميچ ۾ بهتر کان بهتر پرفارم ڪري رهيا آهن، هن چيو ته مون کي اميد آهي ته اڳتي به انهن ٻنهي رانديگرن سميت سموري ٽيم سٺو پرفارم ڪندي، مصباح الحق چيو ته اسان جون نظرون ايندڙ ٽيسٽ ميچ تي آهن، پوئين ڪارڪردگي ۽ شڪست کي وساري اڳتي وڌڻو پوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *