وڏي وزير سان آمريڪي قونصل جنرل ۽ سينيٽ چيئرمين جون ملاقاتون

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) يو ايس ايڊ ٿر ۾  کاڌ خوراڪ واري پروگرام تي  ترت ڪم شروع ڪندي، اهڙن خيالن جو اظهار آمريڪي قونصل جنرل برائن ڊي سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سان ملاقات دوران ڪيو، سندس چوڻ هوته چيو آهي ته يو ايس ايڊ جيڪب آباد ۾ اسپتال ۾ وڌيڪ سهولتن لاءِ صوبائي حڪومت جي مدد لاءِ تيار آهيون.تفصيل مطابق وزيراعليٰ هائوس سنڌ ۾ آمريڪي قونصل جنرل برائن ڊي هنٽ قائم علي شاهه سان ملاقات ڪئي.ملاقات ۾ يوايس ايڊ سنڌ ۽ بلوچستان جا پراجيڪٽ ڊائريڪٽر به شامل ٿيا.آمريڪي قونصل جنرل آمريڪا پاران جيڪب آباد ۾ ٺهيل اسپتال ۾ اسٽاف ۽ ٻين سهولتن لاءِ سهڪار جي آڇ ڪئي.هن ٿر ۾ به ترت کاڌ خوراڪ وارو پروگرام شروع ڪرائڻ جي پڪ ڏياري. آمريڪي قونصل جنرل برائن ڊي هنٽ سنڌ حڪومت کي بورڊ آف ڊائريڪٽر بڻائڻ جي به صلاح ڏني.سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه آمريڪي قونصل جنرل کي ٿر ۾ ٿيندڙ ترقياتي ڪمن جي ڄاڻ ڏني ۽ سندن سهڪار جا ٿورا مڃيا. ٻئي طرف سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سان جمعي ڏينهن سينيٽ چيئرمين ميان رضا ربانيءَ وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. جاري ڪيل پڌرائي مطابق ملاقات ۾ ملڪي صورتحال، امن امان ۽ ڪشمير سان يڪجهتي سميت گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو. وڏي وزير سينيٽ چيئرمين کي ٻڌايو ته ڪشمير سان يڪجهتي جي سلسلي ۾ سڄي صوبي ۾ سيمينار ۽ ڪانفرنسون منعقد ڪرائڻ سان گڏوگڏ ڪشميرين جي حق ۾ ريليون ڪڍيون ويون. اهڙي نموني ڪشميري ڀائرن سان ڀرپور طريقي سان يڪجهتي جو اطهار ڪيو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *