گڏيل قومن والاريل ڪشمير مسئلو حل ڪرائڻ وارو واعدو ناهي پاڙيو:آصف زرداري

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو آهي ته گڏيل قومن والاريل ڪشمير مسئلو حل ڪرائڻ وارو واعدو ناهي پاڙيو، طاقت جي استعمال سان ڪنهن جي اردان کي شڪست نٿي ڏئي سگهجي. ڪشميرين سان ايڪي واري ڏهاڙي تي جاري ڪيل بيان ۾ آصف زرداري چيو ته پيپلز پارٽي ڪشمير مسئلي جو پرامن حل چاهي ٿي. هن چيو ته والاريل ڪشمير جو عوام ڊگهي عرصي کان ظلم برداشت ڪري رهيو آهي، طاقت ذريعي ڪنهن جي ارادن کي شڪست نٿي ڏئي سگهجي. آصف زرداري چيو ته اڄ گڏيل قومن کي پنهنجي ٺهرائڻ بابت ياد ڏيارڻ آهي، جڏهن ته پاڪستان ۽ ڀارت کي ڪشمير تڪراري مسئلي لاءِ ڳالهين وارو رستو اختيار ڪرڻ گهرجي. اڳوڻي صدر وڌيڪ چيو ته اعتمادي سازي جي قدمن سان پاڪ-ڀارت واپار کي هٿي ملندي،ڪشمير تڪراري مسئلي جي حل مثبت ماحول پيدا ڪيو وڃي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *