وي آءِ پي جي تڪن ڏانهن اضافي بيلٽ پيپرز موڪلڻ ڌانڌلي آهي: عمران خان

اسلام آباد (بيورو) تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته انڪوائري ڪميشن آڏو آيل بيانن بعد ثابت ٿي ويو آهي ته 2013 واري عام چونڊن دوران واڌو بيلٽ پيپر ڇاپيا ويا، وي آءِ پي جي  تڪن ڏانهن اضافي بيلٽ پيپرز  موڪلڻ منظم  ڌانڌلي آهي، جڊيشل ڪميشن جي فيصلي کي قبول ڪيو ويندو. اسلام آباد ۾ انڪوائري ڪميشن جي ڪارروائي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته جڊيشل ڪميشن جي ڪارروائي سان تاريخ رقم ٿي رهي آهي. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن ڪٿي 3 بيلٽ پيپر ۽ ڪٿي 20 لک بيلٽ پيپرز موڪليا. عمران خان چيو ته خيبرپختونخواهه جي رڳو ٻن تڪن لاءِ بيلٽ پيپرز جي ڇپائي ڪئي وئي پر ڪيپٽن صفدر ۽ حمزه شهباز جي تڪن ڏانهن 10-10 سيڪڙو واڌو بيلٽ پيپر ڇاپيا ويا. تحريڪ انصاف جي سربراهه چيو ته وي آءِ پي جي تڪن لاءِ واڌو بيلٽ پيپرز جي ڇپائي مان ظاهر آهي ته منظم ڌانڌلي ڪئي وئي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ عمران خان چيو ته جڊيشل ڪميشن جو فيصلو کين قبول هوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *