امان الله نيازي قتل ڪيس ۾ 12 ماڻهو ملوث آهن: عبيد ڪي ٽو جو انڪشاف، عدالت وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) نائين زيرو تان گرفتار ٽارگيٽ ڪلر عبيد ڪي ٽو امان الله نيازي قتل ڪيس ۾ 12 ماڻهن جي ملوث هجڻ جو انڪشاف ڪيو آهي ڪراچي جي مقامي عدالت جوابدار عبيد ڪي ٽو جي وڌيڪ انڪشافن تي ٻين 12 ڏوهارين جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن جڏهن ته ٻين ٽن ڪيسن ۾ عبيد ڪي ٽو سميت ٽن ڏوهارين جو چالان پيش ڪيو ويو دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ جوابدار عبيد ڪي ٽو وڌيڪ انڪشاف ڪيا آهن جوابدار عبيد ڪي ٽو انڪشاف ڪيو ته امان الله نيازي قتل ڪيس ۾ 12 وڌيڪ جوابدار ملوث آهن عبيد ڪي ٽو پنهنجي اعترافي بيان ۾ چيو ته نعمان ساجد، سعيد، برهم، مزمل ۽ ٻيا ڏوهاري امان الله نيازي جي قتل ۾ شامل آهن جڏهن ته ٻين ٽن ڪيسن ۾ پوليس عبيد ڪي ٽو عابد ۽ محمود الحسن جي خلاف چالان اي پي سي ۾ پيش ڪيا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *