ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽ ٽيم جي پاڪستاني دوري لاءِ سڪيورٽي پلان تيار

ڪراچي(اسپورٽس نيوز)  ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽ ٽيم جي پاڪستان جي دوري لاءِ سڪيورٽي پلان تيار ڪيو ويو آهي، پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ 3 ٽي ٽوئنٽي ۽ 3 ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز 13 ڊسمبر کان شروع ٿيندي ۽ سموريون ميچون ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ کيڏيون وينديون پوليس اختيارين موجب دوري لاءِ سڪيورٽي پلان تيار ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ڊي آءِ جي سيڪيورٽي اينڊ ايمرجنسي سروسز ڊويزن مقصود احمد جي صدارت هيٺ ايس ايس يو هيڊڪوارٽرز ۾ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پوليس اهلڪارن شرڪت ڪئي ڊي آءِ جي مقصود احمد موجب پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز جي ٽيمن وچ ۾ ميچن دوران 800 ايس ايس يو ڪمانڊوز سميت 1500 کان وڌيڪ اهلڪار ڊيوٽي تي هوندا، اسٽيڊيم جي چوڌاري نگراني لاءِ اسپيشل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول بسون نيشنل اسٽيڊيم ۾ موجود هونديون مقصود احمد موجب تماشائن لاءِ پارڪنگ پوائنٽس کان نيشنل اسٽيڊيم تائين شٽل بس سروس هلندي، ٽيم ايس ايس يو هيڊڪوارٽرز ۾ هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ الرٽ رهندي

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *