ججن جي سيمينار ۾ سزا يافته شخص کي چيف گيسٽ طور گهرايو ويو: عمران خان

جهلم (اين اين آءِ) وزيراعظم عمران خان هڪ دفعو ٻيهر چيو اهي ته جڏهن ڪرپشن کي برائي نه سمجهيو وڃي ته معاشري ۾ محنت ڪير ڪندو بدقسمتي سان پاڪستان ۾ چورن کي برو نٿو سمجهيو وڃي لاهور ڪانفرنس ۾ سپريم ڪورٽ جا جج گهرايا ويا خاص مهمان اهو ماڻهو هو جن کي عدالتن سزا ڏني پاڪستان کي هر دور ۾ چئلينجز کي منهن ڏيندي ڏٺو پاڪستان کي ترقي ڪندي ۽ هيٺ ايندي به ڏٺو موبائيل فون انقلاب ضرور آندو پر اخلاقي طور تي نوجوانن کي ڪمزور ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ٻارڙن ۽ نوجوانن جي سرگرمين جي نگراني لازمي آهي ٻارڙن ۽ نوجوانن کي بهترين سرگرمين لاءِ چوائس ڏني وڃي اولهه کان ڪنهن به وقت توهين مذهب جا واقعا ظاهر ٿيڻ جو خدشو آهي دنيا ۾ اسلام جي خلاف جيڪو به عمل ٿئي ٿو سڀ کان وڌيڪ ردعمل پاڪستان مان اچي ٿو خواهش آهي ته قانوني ۽ مذهبي لحاظ کان اسان بهترين جواب ڏيون سومر تي القادر يونيورسٽي جهلم ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته رسول الله صلعم دنيا جو عظيم ليڊر هو تاريخ جي شاگرد جي حيثيت سان مان ان نتيجي تي پهتس ته رسول الله صلعم جي سيرت تي هلڻ ۾ ڪاميابي آهي جيڪي ماڻهو رسول الله صلعم جي راهه تي هلن ٿا اهي ئي ڪامياب ٿين ٿا الله مون کي شهرت پئسو ۽ سڀ ڪجهه ڏنو مان سياست ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ آيس خواهش هئي ته ملڪ ۾ سيرت اٿارٽي قائم ڪريان ريسرچ سان ئي يونيورسٽيون ٺهن ٿيون ريسرچ ٿي ئي نه آهي ته دنيا جي امامت ڪيئن ۽ ڪيئن ڪئي وزراعظم چيو ته سائنس ۽ اسلام ۾ جهيڙو نه هو پر نظرين ۾ فرق هو م،لڪ ۾ سڀ کان وڏو مسئلو اولهه ثقافت جو عام ٿيڻ آهي اولهه ثقافت روحاني طور تي زوال پذير آهي اولهه ۾ چرچز بند ٿي رهيا آهن نوجوانن جي رهنمائي نه پئي ڪئي وڃي اولهه ۾ 40 سال اڳ خانداني نظام ڪٿي هو ۽ اسان جي ملڪن تي ڪهڙا اثر پيا اولهه مان ڪنهن به وقت توهين مذهب جا واقعا ٿيڻ جو خدشو آهي دنيا ۾ اسلام جي خلاف جيڪو به عمل ٿئي ٿو سڀ کان وڌيڪ ردعمل پاڪستان ڏي ٿو. مغرب اڄ سيرت صلعم تي ريسرچ ڪري رهيو آهي ڇو ته اتي فتويٰ لڳي وڃڻ جو ڊپ نه آهي مديني جي رياست ۾ ليڊرن جي برسات هئي ڇو ته اتي بنا خوف سرگرم هئا ترقي لاءِ رياست مدينه جي اصولن تي عمل ڪرڻو پوندو مديني جي رياست ۾ خوف خدا ماڻهن جي دلين ۾ هو ڪنهن ملڪ تي ڪرپٽ ليڊر کان وڏو ٻيو ڪوئي عذاب نٿو ٿي سگهي ليڊر ڪڏهن به ايئن نٿو ڪري ته پنهنجن مائٽن کي اهم عهدا ڏئي ڇڏي هن چيوت ه اسان جو تعليمي نظام ئي اسان جي ڪاميابي ۾ رڪاوٽ اچي ويو تعليمي نظام ورهائجي ويو ۽ مسئلا پيدا ٿيا تعليم نظام ۾ هڪجهڙائي ضروري آهي هڪ جهيڙي تعليم جي نظام سان غريب کي فائدو ٿيندو عظيم قوم بڻجڻ لاءِ بهترين ڪردار جو هجڻ ضروري آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *