ويسٽ انڊيز کي ٽين ۽ آخري ٽيسٽ ميچ ۾ شڪست ڏئي سيريز پنهنجي نالي ڪنداسين: ايلسٽرڪڪ

بارباڊوس(اسپورٽس نيوز) انگلينڊ جي ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان ۽ مشهور اوپننگ بيٽسمين ايلسٽرڪڪ چيو آهي ته سندس ٽيم ويسٽ انڊيز خلاف ٽين ۽ آخري ٽيسٽ ۾ پڻ ڪاميابي حاصل ڪري سيريز 0-2 تان پنهنجي نالي ڪنداسين. هن چيو ته سندس ٽيم ميزبان ٽيم خلاف ٽين ميچ لاءِ ميدان ۾ لهندي. هن چيو ته ٻي ميچ ۾ ڪاميابيءَ کان پوءِ ٽيم جو مورال بلند ٿيو آهي ۽ اها ميزبان ٽيم خلاف ايندڙ ميچ ۾ اسان لاءِ فائديمند ثابت ٿيندي. هن چيو ته هو ميزبان ٽيم کي ايندڙ ميچن ۾ آسان نه سمجهندا ۽ پنهنجي ڪارڪردگيءَ جي تسلسل کي برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *