ون مين شو جو تاثر غلط آهي ، ڪپتان جي راءَ کي به اهميت ملي پئي : پي سي بي ترجمان

 

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي هيڊ ڪوچ ۽ چيف سليڪٽر مصباح الحق ٽيم جي سليڪشن ۾ اڳڀرو نظر اچي رهيو آهي.ذميوارن جو چوڻ آهي ته سريلنڪا خلاف سيريز لاءِ 20 ڪرڪيٽرن جي چونڊ ۾ 6 سليڪٽرن جي راءِ نالي ماتر آهي.مصباح الحق فهرست گذريل سالن جي ڪارڪردگي تي ٺاهي هئي، جڏهن ته ڪپتان سرفراز احمد سان به مشورو ناهي ڪيو ويو.پي سي بي ترجمان جو چوڻ آهي ته مصباح الحق سليڪٽرن سان صلاح مشورن کانپوءِ سيريز لاءِ ڪرڪيٽرن جي چونڊ ڪئي آهي، ون مين شو جو تاثر غلط آهي. سيريز لاءِ ٽيم جي چونڊ وقت ڪپتان سرفراز احمد جي راءِ کي به اهميت ڏني ويندي.پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ اڳوڻي ڪپتان مصباح الحقص کي 3 سالن لاءِ هيڊ ڪوچ ۽ چيف سليڪٽر، جڏهن ته فاسٽ بالر وقار يونس کي بالنگ ڪوچ مقرر ڪيو آهي.6 صوبائي ايسوسيئيشن جا هيڊ ڪوچ سليڪشن ڪاميٽي جا ميمبر هوندا، مصباح الحق چئي چڪو آهي ته مان ٽيم جي چونڊ ۾ چيف سليڪٽر ۽ هيڊ ڪوچ جي حيثيت ۾ راءِ ضرور ڏيندس پر حتمي فيصلو ڪپتان کي ڪرڻو آهي.مصباح الحق پاڪستان کي سڀ کان وڌيڪ ڪامياب ٽيسٽ ڪپتان قرار ڏنو ويندو آهي، هن 56 ٽيسٽ ميچن ۾ ڪپتاني ڪئي، جن مان 26 کٽيون.هن 87 ون ڊي انٽرنيشنل ۾ ڪپتاني ڪئي، جن مان 39 ميچز کٽيون، 8 ٽي ٽوئنٽي ميچز مان 6 ۾ ڪاميابي ماڻي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *