آمدن کان وڌيڪ اثاثا ڪيس: خورشيد شاهه نيب هٿان گرفتار، پ پ جي مذمت

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) قومي احتساب بيورو نيب قومي اسيمبلي جي اڳوڻي مخالف ڌر اڳواڻ ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ خورشيد شاهه کي گرفتار ڪري ورتو. ان حوالي سان جاري پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته نيب سکر خورشيد شاهه کي آمدن کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس  ۾ گرفتار ڪيو ۽ هن کي ريمانڊ جي لاءِ خميس تي لاڳاپيل احتساب عدالت سکر ۾  پيش ڪيو ويندو. نيب ذريعن موجب نيب جي گڏيل ٽيم آمدن کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ خورشيد کي شاهه کي بني گالا ۾ قائم  سندس گهران گرفتار ڪيو. ڄاڻايل ذريعن ٻڌايو ته پ پ جي اڳواڻ جي خلاف نيب ۾ 3 جاچون هلي رهيون آهن ۽ هن جي خلاف سمورا الزام خاص هئا، جنهن تي جي بنياد تي هن کي گرفتار ڪيو ويو. نيب ذريعن جو چوڻ هو ته خورشيد شاهه کي نيب جاچ جي سلسلي ۾ سوالنامو به موڪليو ويو هو، جنهن جو هو تسلي جوڳو جواب ناهي ڏئي سگهيو. خيال رهي ته 31 جولاءِ تي نيب قومي اسيمبلي جي ميمبر ۽ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ خورشيد شاهه جي خلاف انڪوائري جي منظوري ڏني هئي، جنهن کان پوءِ آگسٽ ۾ جاچ جو باقاعده آغاز ڪيو ويو هو. ان کان سواءِ خورشيد شاهه جي گرفتاري کان پوءِ خورشيد شاهه جي ملازمن ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته نيب ۽ پوليس لڳ ڀڳ 20 ماڻهو، خورشيد جي گهر پهتا ۽ هنن پ پ اڳواڻ کي فوري طور گاڏي ۾ ويهاريو ۽ هليا ويا. ياد رهي ته ذريعن ٻڌايو ته نيب طرفان خورشيد شاهه کي سکر ۾ طلب ڪيو ويو هو پر پيپلز پارٽي جي اڳواڻ طرفان اِهو چئي پيشي کان معذرت ڪئي هئي ته هن کي قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ پيش ٿيڻو هو. ان وقت نيب ذريعن طرفان فراهم ڪيل دستاويزن ۾ ٻڌايو ويو هو ته اداري خورشيد شاهه جي خلاف بينڪ اڪائونٽس، بي نالي اثاثن ۽ ڪيترن ئي فرنٽ مينز جي تفصيل حاصل ڪري ورتي آهي. ڄاڻايل معاملي جي تفصيل ۾ اِها ڳالهه سامهون آئي هئي ته خورشيد شاهه ۽ سندس وارثن جا ڪراچي، سکر ۽ ٻين علائقن ۾ 105 بينڪ اڪائونٽ موجود آهن، ان کان سواءِ پ پ اڳواڻ پنهنجي مبينا فرنٽ مين ” پهلاج مل“ جي نالي تي سکر، روهڙي، ڪراچي ۽ ٻين علائقن ۾ گڏيل طور تي 83 ملڪيتون بڻائي رکيون آهن. انهن دستاويزن ۾ ٻڌايو ويو هو ته پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ پهلاج راءِ گليمر بينگلو، جونيجو فلور مل، مڪيش فلور مل ۽ ٻيا اثاثا بڻائي رکيا آهن. ان ضمن ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو هو ته خورشيد شاهه مبينا فرنٽ مين لڏومل جي نالي تي 11 ۽ آفتاب حسين سومر جي نالي تي 10 ملڪيتون بڻايون. ڄاڻايل ذريعن انڪشاف ڪيو هو ته پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ پنهنجي مبينا فرنٽ مين جي لاءِ دل جي مرضن جي اسپتال جي ڀرسان ڏيڍ ايڪڙ ايراضي نرسري جي لاءِ الاٽ ڪرائي، ان کان سواءِ خورشيد شاهه جي بنا نالي ملڪيتن ۾ مبينا طور تي عمر جان نالي شخص جو به مرڪزي ڪردار رهيو جنهن جي نالي تي بم پروف گاڏي رجسٽرڊ ڪرائي وئي جيڪا اڳوڻي مخالف ڌر اڳواڻ جي استعمال هيٺ رهي. ان کان سواءِ دعويٰ ڪئي وئي هئي ته اسلام آباد ۾ خورشيد شاهه جي استعمال هيٺ گهر به عمر جان جي نالي تي آهي ۽ سکر سميت ٻين علائقن ۾ سمورا ترقياتي منصوبا عمر جان جي ڪپمني کي ڏنا ويا هئا. نيب ذريعن دعويٰ ڪئي هئي ته اداري خورشيد شاهه جي رهائشي اسڪيمن، پيٽرول پمپن، زمينن ۽ دڪانن بابت تفصيل به حاصل ڪري ورتي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *