وقت ايندو جو ڪراچي ۾ تدفين لاءِ به جاءِ نه بچندي، قبرستان به وڪڻيا ويندا: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس  احمد علي شيخ چيو آهي ته هڪ وقت ايندو جڏهن ڪراچي ۾ تدفين جي جاءِ به نه بچندي ۽ قبرستان  به وڪڻيا ويندا. سنڌ هاءِ ڪورٽ بلديا عظمي جي ايراضي جي غير قانوني الاٽمينٽ بابت ڪيس ۾ ڪي ايم سي آفيسرن جي ضمانت جي درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت پيس نه ٿيڻ تي ڪي ايم سي آفسر ذيشان حيدر جي ضمانت رد ڪري ڇڏي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف  جسٽس غير قانوني الاٽمينٽ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته جيڪڏهن اهڙي طرح الاٽمينٽ ٿيندي رهي ته قبرستان به وڪڻيا ويندا ۽ هڪ وقت ايندو جڏهن تدفين جي جاءِ به باقي نه رهندي.  جوابدار ذيشان حيدر جي وڪيل چيو ته جوابدار رستي ۾ آهي ۽ پهچڻ وارو آهي جنهن تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اهو داءُ پيچ اسان ڄاڻون ٿا اسان کي نه سيکاريو، ٻڌڻي دوران پيش ٿيو ته ضمانت بحال ٿي سگهي ٿي، بدعنوانين کي پرڏيهه وڃڻ ڏنو ويندو آهي ته ۽ اتان کان وڪالت ناما اچي ويندا آهن.  نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار اسلم پراچا، ذيشان حيدر ۽ ٻيا ڪلفٽن ۾ پلاٽن جي غير قانوني الاٽمينٽ ۾ ملوث آهن. جوابدارن جي وڪيل دليل پيش ڪندي چيو ته هاڻ سنڌ ۾ نيب آرڊيننس رد ٿيڻ کان پوءِ نئون قانون بڻجي ويو آهي ۽ نيب جا ڪيس اينٽي ڪرپشن ڏانهن منتقل ٿي رهيا آهن، جنهن تي چيف جسٽس احمد علي شيخ چيو ته توهان کي اينٽي ڪرپشن جو حال خبر آهي، ان جون اعليٰ اختيارين ته پاڻ ڪيسن ۾ ملوث آهن، غير قانوني الاٽمينٽ ۾  ڪيترا قوم جا خادم ملوث آهن، انهن وڏي خدمت ڪئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *