سنڌ هاءِ ڪورٽ نيب کي سڄي صوبي ۾ ڪارروايون جاري رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

ڪراچي(اين اين آءِ) سنڌ هائي ڪورٽ نيب کي سنڌ ۾ ڪم جاري رکن جو حڪم ڏيندي ڪيس ۾ ملوث پارليامينٽ ميمبر ۽ سرڪاري آفيسرن جي لسٽ طلب ڪئي آهي، عدالت وڌيڪ ٻڌڻي 22 آگست تائين ملتوي ڪندي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. اربع تي سنڌ حڪومت نيب قانون کي ڪاالعدم قرار ڏيڻ خلاف ايم ڪيو ايم پاڪستان جي فاروق ستار فنڪشنل ليگ جي شهريار مهر ۽ نصرت سحر عباسي، نون ليگ، پي ٽي آئي جي خرم شيرزمان ۽ پي ٽي آئي جي علي زيد جي درخواست جي ٻڌڻي ٿي. چيف جسٽس سنڌ هائي ڪورٽ جسٽس احمد علي شيخ ايندڙ ٻڌڻي تائين نيب کي سنڌ ۾ ڪاروائي رکڻ جي هدايت ڪندي نيب انڪوائري ۾ سان منهن ڏيندڙ پارليامينٽ جا ميمبر ۽ سرڪاري آفيسرن جي لسٽ به طلب ڪئي آهي، درخواست ڪندڙ جي وڪيل فيصل صديقي چيو ته سنڌ حڪومت آفيسرن کي هدايت ڪري رهي آهي ته ڪو به رڪارڊ نه ڏنو وڃي، روز نيب بورڊ ۾ درخواست داخل ڪئي ويندي آهي. ته  ٻڌڻي نه ڪئي وڃي. نيب جي پراسيڪوٽر عدالت کي ٻڌايو ته سنڌ حڪومت جي قانون سان اسانجو ڪم متاثر ٿي رهيو آهي. ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ دليل  ڏيندي چيو ته 18 ترميم جي تحت سنڌ اسيمبلي کي ان بل جي منظوري جو اختيار آهي ، چيف جسٽس سنڌ هائي ڪورٽ چيو ته ان جو مطلب آهي وفاقي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ کي تالا هڻي ڇڏيون. دهشتگردي توڙ واري خاص عدالتون اينٽي نارڪوٽس ڪورٽ کي به تالا هڻي ڇڏيون، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ چيو ته سنڌ ۾ نيب آرڊيننس ختم ڪرڻ جو معاملو سپريم ڪورٽ ۾ به ٻڌڻي هيٺ آهي. چيف جسٽس پڇا ڪئي ته ڇا معاملو گڏيل ڪونسل ۾ ويندو جنهن تي ايڊوڪيٽ جنرل چيو ته وفاق ۽ صوبي جي وچ ۾ تڪرار هجي ته معاملو سپريم ڪورٽ ڏانهن ويندو آهي، ايڊيشنل اٽارني جنرل سپريم ڪورٽ درخواست داخل ڪرڻ کان لاعلمي جو  اظهار ڪندي چيو ته انکي اهڙو ڪوبه اطلاع ناهي، نيب جي پراسيڪيوٽر جنرل به چيو ته اسانکي سپريم ڪورٽ کان ان حوالي سان ڪابه ڪاپي نه ملي آهي. عدالت درخواستن جي ٻڌڻي 22 آگست تائين ملتوي ڪندي عارف علوي  ۽ سوسل سوسائيٽي ۽ ٻين جي درخواست تي به ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *