وقار يونس، شرارتي ۽ شعيب اختر ڪوڙ ڳالهائڻ جو ماهر هو: وسيم اڪرم

نئين دهلي (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ جي اڳوڻي ڪپتان وسيم اڪرم چيو آهي ته وقار يونس شرارتي جڏهن ته شعيب اختر ڪوڙ ڳالهائڻ ۾ ماهر هو جڏهن ته انضمام الحق چيڙائڻ تي مئچ ڏسندڙ هڪ نوجوان کي مارڪٽ ڪئي. هڪ انٽرويو ۾ وسيم اڪرم ٻڌايو ته وقار يونس جڏهن نئون نئون ٽيم ۾ آيو ته وڏو شرارتي هو. جڏهن ته ان وقت اسان جو ڪوچ 75 ورهين جو ڊآڪٽر اسلم هو. ان وقت عمران خان وقار کي چيو ته تون وڏو شرارتي آهين، ڊاڪٽر صاحب جو روم ميٽ ٿيندي ته اتي موجود ڊاڪٽر چيو ته وقار تي نظر رکو ۽ ان حامي ڀري هن چيو ته وقار يونس ڊاڪٽر اسلم جي واچ 4 ڪلاڪ پوئتي ڪري ڇڏي ۽ کيس خبر به نه پئي جڏهن هو رات جو 2 وڳي آيو ته ڊاڪٽر پڇيو ته توهان جلد اچي ويا آهيون وسيم اڪرم چيو ته شعيب اختر ڪوڙ ڳالهائڻ جو ماهر هو ڪولڪته ٽيسٽ ۾ جنهن هوٽل ۾ اسان ترسيل هئاسين اتي نائٽ ڪلب به هو مون ان کي چيو ته نائٽ ڪلب نه وڃجي ان تي هن جواب ڏنو ته اوهان ڪهڙيون ڳالهيون ڪري رهيا آهيو مان پاڳل نه آهيان جو ٽيسٽ ميچ دوران ايئن ڪيان. جنهن بعد رات جو 12 وڳي جڏهن مان اتي ويس ته ڏٺم ته شعيب قميص لاهي ڊانس ڪري رهيو هو مون ان کي ڪن کان ورتو ۽ ڪمري ۾ ڇڏيس.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *