سفارشي ڪلچر ڪرڪيٽ سميت قومي راندين کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي: عبدالقادر

لاهور (اسپورٽس نيوز) اڳوڻي ٽيسٽ ڪريڪٽر عبدالقادر چيو آهي ته سفارشي ڪلچر ڪرڪيٽ سميت قومي راندين جي بنيادي ڍانچي کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، پي سي بي ۾ وڏن عهدن تي سفارش تي ڀرتي ٿين ٿا، عمر اڪمل سان جيڪو ڪجهه ٿيو آهي اهو ان جي حرڪتن جو نتيجو آهي، شاهد آفريدي هاڻي پوڙهو ٿي  چڪو آهي، ڪرڪيٽ ان جي وس ۾ نه رهي آهي. هن چيو ته ويون رچرڊز سٺو ڪوچ ثابت ٿي سگهي ٿو، اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن منهاج يونيورسٽي لاهور جي احتمام هيٺ راندين جي سالياني مقابلي جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر عبدالقادر چيو ته ڪرڪيٽ بورڊ کي تباهه ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي وئي آهي، پي سي بي ۾ وڏن عهدن تي مقرر عملدار سفارش تي ڀرتي ڪيا وڃن ٿا. هن چيو ته ڪوچنگ لاءِ مقامي رانديگر هئڻ گهرجي غير ملڪي ڪوچز جي ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ ڪوچ بڻجڻ تي پابندي لڳائڻ وارو قانون پاس ڪيو وڃي. هن چيو ته غير ملڪي ڪوچ گهراڻو آهي ته پوءِ ويسٽ انڊيز جي عظيم رانديگر ويون رچرڊ کي گهرايو وڃي، جيڪو قومي ٽيم جي ڪوچنگ جون ذميواريون نڀائڻ لاءِ راضي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *