وفاق ۽ خيبرپختونخواهه حڪومت ۾ ڳالهيون ڪامياب، پارليامينٽ هائوس آڏو لڳل ڌرڻو ختم

اسلام آباد (بيورو) وفاق ۽ خيبرپختونخواهه حڪومت ۾ ڳالهين جي ڪاميابي کان پوءِ پارليامينٽ هائوس آڏو لڳل ڌرڻو ختم ڪيو ويو، بجلي لوڊشيڊنگ، رائلٽي ۽ گوادر ڪاشغر روٽ سميت ٻيا بنيادي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ هڪ هفتي جي مهلت ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو، خواجه آصف چيو  آهي ته هو خدشا ختم ڪرڻ لاءِ تيار آهن. وفاق پاران ميگا پراجيڪٽس ۾ نظرانداز ڪرڻ خلاف خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير جي اڳواڻي ۾ پارليامينٽ هائوس آڏو ڌرڻو هنيو ويو  جتي پوليس ۽ ايم پي اي ايز هڪ ٻئي جي هٿين پئجي ويا. وفاق پاران ميگا پراجيڪٽس ۾ ڪي پي ڪي کي نظر انداز ڪرڻ خلاف خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير پرويز خٽڪ جي اڳواڻي ۾ ڪي پي ڪي جي ايم پي ايز جي نڪتل ريلي پارليامينٽ هائوس آڏو پتي جتي ڌرڻو هنيو ويو . ڪي پي ڪي جي وڏي وزير ۽ ايم پي ايز پارليامنٽ هائوس وڃڻ جي ڪوشش ڪئي ته کين گيٽ وٽ روڪيو ويو. احتجاج ڪندڙن کي روڪڻ لاءِ پوليس ۽ ايف سي جي وڏي نفري پارليامنٽ هائوس اڳيان مقرر ڪئي وئي. پارليامنيٽ هائوس ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش دوران پي ٽي آءِ ايم پيز ۽ پوليس اهلڪار هٿين پئجي ويا ۽ سخت جملن جي ڏي وٺ پڻ ٿي. پي ٽي آءِ ميمبر ۽ پوليس اهلڪارن ۾ منهن ماري کان پوءِ وفاقي وزير خواجه آصف ڳالهين لاءِ پي ٽي آءِ جي احتجاج  ۾ پهچي ويو. وفاقي وزير خواجه آصف ۽ ڪي پي ڪي جي وڏي وزير پرويز خٽڪ وچ ۾ ڪامياب ڳالهين کان پوءِ پارليامينٽ هائوس اڳيان لڳل ڌرڻو ختم ڪيو ويو. وفاق ۽ ڪي پي ڪي سرڪار وچ ۾ مسئلا حل ڪرڻ لاءِ هڪ هفتي جي مهلت ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجه آصف چيو ته صوبن جا خدشا ختم ڪرڻ وفاق جو فرض آهي. هن چيو ته ڪي پي ڪي حڪومت جا بنيادي مسئلا هڪ هفتي اندر حل ڪيا ويندا. وفاقي وزير چيو ته هن سيپڪو اختيارين کي طلب ڪيو آهي ۽ مسئلي جو حل گڏجي ڪڍيو ويندو. ان موقعي تي ڪي پي ڪي جي وڏي وزير پرويز خٽڪ جو چوڻ هو ته لڳ ڀڳ سندن سمورا مسئلا حل ٿي چڪا آهن رڳو کين نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ جو انتظار آهي. هن چيو ته وفاقي سرڪار کي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ هڪ هفتي جي مهلت ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي. وڏي وزير جو چوڻ هو ته سندن وڏي ۾ وڏو مسئلو بجلي لوڊشيڊنگ رائلٽي ۽ گوادر ڪاشغر روٽ آهي. پرويز خٽڪ چيو ته کين سستي بجلي مهانگي ڪري ڏني پئي وڃي، واپڊا ۾ چور داخل ٿي ويا آهن. ڪي پي ڪي جي وڏي وزير جو چوڻ هو ته هو پنهنجي حقن لاءِ روڊن تي نڪتا. پرويز خٽڪ جو چوڻ هو ته جيڪڏهن سندن مطالبا نه مڃيا ويا ته سڄو صوبو  احتجاج ڪندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *