حڪومت آئيني ۽ قانوني مطالبا مڃيندي آهي: پرويز رشيد

اسلام آباد (بيورو) وفاقي وزير پرويز رشيد چيو آهي ته  حڪومت آئيني ۽ قانوني مطالبا مڃيندي آهي، ڪي پي ڪي سرڪار بجلي پيدا ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي. خيبر پختونخوهه اسيمبلي جي ميمبرن جي پارليامينٽ هائوس ٻاهران ڌرڻي جي رد عمل ۾ پرويز رشيد چيو ته جنهن پارليامنيٽ کي ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي اڄ ان کان ئي مطالبا ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته ڪي پي ڪي جي حڪومت ترقياتي بجيٽ مان 40 سيڪڙو رقم به خرچ نه ڪري سگهي آهي. وفاقي وزير چيو ته عمران خان کي ڪنهن چيو ته بجلي جو هڪ يونٽ به پيدا نه ڪري. پرويز رشيد جو چوڻ هو ته هو قانون جي دائري ۾ ايندڙ مطالبا تسليم ڪندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *