وفاق مدد ڪري يا نه فرق نه پوندو، سنڌ حڪومت ٻوڏ متاثرن کي اڪيلو نه ڇڏيندي: نثار کهڙو

ڪنڌڪوٽ(ڊر)سنڌ۾2010جي مهاٻوڏبعد40ارب روپين بندن جي مضبوطي لاءِ ڪرپشن ڪهڙي دور۾ڪئي وئي ان ڳالهه جوپتولڳائڻوآهي هن ڪٽ لڳائڻ جو سوال جي جواب۾چيوته سنڌحڪومت بندن ۾خيانت ڪندڙن کي ڪهڙي به صورت نه بخشيندي وزيراعظم نوازشريف جي سنڌ۾ٻوڏمتاثرن جي سارنه لهڻ تي سنڌواسين کي صدمورسيوآهي وفاق نه مددنه ڪرڻ سان سنڌحڪومت تي ڪوبه اثرنه پوندو مهاٻوڏکي سنڌصوبي جي رهواسين منهن ڏنوآهي هي ٻوڏڪاشيءِنه آهي سنڌ حڪومت ڪچي جي ٻوڏ متاثرين کي اڪيلو نه ڇڏيندي سندن جي سهائتا لاءِ پي ڊي ايم اي سنڌ ۽ رليف کاتو پنهنجا فرض سر انجام ڏئيرهيا آهن، انهيءَ کانسواءِ انهن لا۽ ٽينٽ سٽيز ،ميڊيڪل ڪئمپون پڻ قائم ڪيون ويون آهن .جتي کين زندگي جون سڀئي بنيادي ضرورتون پوريون ڪيون پيون وڃن. اهڙي خيالن جو اظهار سنڌ جي سينيئر وزير آبپاشي ۽ اطلاعات نثار احمد کهڙو اولڊ ٽوڙي بند ، نيو ٽوڙي بند ۽ اتي لڳايل ميڊيڪل ۽ رليف ڪئمپن جي تفصيلي دوري بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ سنڌ جي عوام جو رشتو تمام گھڻو پراڻو ۽ گهرو آهي تنهن جي ڪري هن مشڪل گھڙي ۾ سنڌ حڪومت سنڌ جي عوام ۽ ٻوڏستايلن جي جاني ۽ مالي سهائتا لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته 2010ع واري مها ٻوڏ باوجود به سنڌ جي عوام کي اڪيلو نه ڇڏيو هئوسين ۽ هينئر به سندن جي مال ۽ جان جي حفاظت سنڌ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. هن وڌيڪ چيو ته 2010ع واري مها ٻوڏ ۾ اولڊ ٽوڙي بند حڪومت نه پر اوور ٽاپ ٿيڻ جي ڪري ٽٽي پيو هو جنهن جو ثبوت جوڙيل ٻن ڪميشنن جي رپوٽ ۾ موجود آهي. هن چيو ته اولڊ ٽوڙي بند تي هڪ ارب جي لاڳت سان پهرين جون 2015ع کان ڪم تيزي سان جاري آهي جيڪو ڊسمبر 2015ع تائين مڪمل ٿي ويندو. هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته هن وقت ست لک چاليھ هزار ڪيوسڪ پاڻي گڊو بئراج وٽان گذري رهيو آهي پر مسلسل مينهن پوڻ جي صورت ۾ اهو پاڻي وڌي به سگھي ٿو سنڌجابند10لک ڪيوسڪ تائين پاڻي جي وهڪرن کي برداشت ڪري سگهن ٿاتنهن جي ڪري آبپاشي کاتو بندن جي مضبوطي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري کي ٻوڏ صورتحال ۽ بندن تي ٿيندڙ ڪم بابت تفصيلي بريفنگ ڏني جنهن دوران پ پ پ ضلعي ڪشمور جو صدر ڊاڪٽر فدا حسين ميراڻي،ميراسراراحمد خان کوسوکان سواءِ پ پ پ ضلعي ڪشمور جا عهديدار ۽ آبپاشي جا عملدار موجود هئا..رهيو آهي . ان موقعي دوران آبپاشي کاتي جي سيڪريٽري ظهير حيدر شاھ ساڻن گڏ موجودهو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *