خيرپور ناٿن شاهه: سيتا روڊ ۾ چانڊيا وڙهي پيا، 8 ڄڻا مارجي ويا، 6 مرڻينگ

خيرپور ناٿن شاهه(رپورٽر) خيرپور ناٿن شاهه ويجهو سيتاروڊ ۾ ڳوٺ حاصل چانڊيو ۾ چانڊيه برادري ۾ خوني جهيڙو، هڪ معصوم نينگري ۽ سهراب چانڊيو سميت 8 ماڻهون مارجي ويا جڏهن ته 6 ماڻهون سخت زخمي جن کي لاڙڪاڻي ۽ دادو ڏانهن نيو ويو جڏهن ته فائرنگ ۽ راڪيٽ لانچرز فائي ٿيڻ جي نتيجي ۾ شهر ۾ خوف و حراس، شهرين پاران پاڪ فوج ۽ رينجرز کان سيتا شهر کي ٽيڪ اوور ڪرڻ جو مطالبو، تفصيل موجب؛ خيرپور ناٿن شاهه ويجهو ڳوٺ حاصل چانڊيو ۾ رشتي جي معاملي تان چانڊيه برادري جي ٻن گروپن رئيس نظير احمد چانڊيو ۽ رئيس مدد علي چانڊيو وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو ڌريون مورچابند ٿي ويون هڪ ٻئي مٿان فائرنگ ۽ راڪيٽ لانچرز فائر ڪرڻ جي نتيجي ۾ هڪ راهگير معصوم نينگري آصمه گولي لڳڻ ڪري ٿڏي تي ئي فوت ٿي وئي ۽ جڏهن ته ٻنهي ڌرين جا 6 ماڻهون گوليون لڳڻ ڪري فوت ٿي ويا فوتين جا لاش سيتاروڊ، ڪي اين شاهه ۽ دادو ڏانهن نيا ويا فوتين ۾ راڻو چانڊيو، گلاب چانڊيو، رانجهن چانڊيو، حميد چانڊيو، اسد چانڊيو ۽ ڪٻڙا چانڊيه ڌر جو سهراب چانڊيو شامل، علائقي ۾ پورو ڏينهن خوف و حراس رهيو، شهري گهرن تائين محدود ٿي ويا ڪاروبار به مڪمل بند رهيو جڏهن ته پوليس انتظاميان واقعي تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام نظر آئي سيتا جي شهرين سيتا روڊ پاڪ فوج جي سپهه سالار جنرل راحيل شريف کان آپريشن ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو هوڏانهن راهگير نينگري آصمه جي وارثن پاڪ فوج جي سربراهه ۽ ڊي جي رينجرز کان انصاف جي اپيل ڪئي آهي ست ڪلاڪ خوني جهيڙو جاري رهڻ بعد ايس ايس پي دادو شيراز نظير عباسي پوليس جي وڏي نفري ۽ بختربند گاڏيون ساڻ ڪري سيتاروڊ جي ڳوٺ حاصل چانڊيو ۾ پهتو جتي هن ڪاروائي ڪندي ٻنهي ڌرين جا پنج ماڻهون گرفتار ڪري ورتا جڏهن ته آخري اطلاع تائين فائرنگ جو سلسلو جاري رهيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *