وفاقي سرڪار ۽ نيب جا اعتراض رد، نواز شريف جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ لاءِ درخواست ٻڌڻ جوڳو قرار

لاهور هاءِ ڪورٽ (ڊيسڪ رپورٽ) لاهور هاءِ ڪورٽ وفاقي سرڪار ۽ نيب جا اعتراض رد ڪندي نواز شريف جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ لاءِ درخواست کي ٻڌڻ جوڳو قرار ڏئي ڇڏيو آهي. جسٽس باقر علي نجفي جي سربراهيءَ ۾ جُڙيل 2 رُڪني بئنچ نواز شريف کي بنا ڪنهن شرط جي پرڏيهه موڪلڻ واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. اهڙي درخواست شهباز شريف طرفان وفاقي سرڪار جي مشروط اجازت ملڻ خلاف داخل ڪرائي وئي هئي. عدالت ٻڌڻيءَ بعد فيصلو ڪجهه دير لاءِ محفوظ ڪيو، جيڪو بعد ۾ جاري ڪندي درخواست کي ٻڌڻ جوڳو قرار ڏنو ويو.
عدالت وفاقي سرڪار ۽ نيب جا اعتراض رد ڪري ڇڏيا. لاهور هاءِ ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته نواز شريف جو اي سي ايل مان بنا شرط جي نالو ڪڍڻ جي حوالي درخواست هن ئي عدالت ۾ سومر ڏينهن ٿيندي. اُن موقعي تي شهباز شريف جي وڪيل طرفان درخواست تڪڙي ٻڌڻ لاءِ هڪ ٻي درخواست داخل ڪرائي وئي، جنهن کي منظور ڪندي عدالت درخوست سڀاڻي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي

 

 

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *