جنهن ملڪ جو وزيراعظم ڪوڙو نااهل، نالائق ۽ بي رحم هجي ان جي حڪومت جو هر ايندڙ سال عوام لاءِ سخت هوندو: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (اين اين آءِ) ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب اڳوڻي وزيراعطم نوازشريف جي صحت بابت بيان ۾ چيو آهي ته ڊاڪٽر نوازشريف جي جسم تي دوائن جا ظاهر ٿيندڙ سائيڊ افيڪٽس ۽ سوج گهٽائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن هڪ بيان ۾ هن چيو ته شريف ميڊيڪل بورڊ جي ڊاڪٽرن جو اجلاس محمد نوازشريف جو تفصيلي معائنو ڪيو هن چيو ته ڊاڪٽر محمد نوازشريف جي جسم تي دوائن جا ظاهر ٿيندڙ سائيڊ افيڪٽس ۽ سوج گهٽائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن هن چيو ته ڊاڪٽرن ٻيهر خبردار ڪيو آهي ته نوازشريف جي صحت جي معاملي ۾ وڌيڪ دير موت جو سبب بڻجي سگهي ٿي هن چيو ته پليٽ ليٽس گهٽجڻ جي تشخيص کان سواءِ اسٽيرائڊز ۽ ٻيون دوائون ڏيئي نوازشريف جي حياتي خطري ۾ وڌي پئي وڃي هن چيو ته طبي لحاظ کان هر هر اسٽرائيڊز جي هاءِ ڊوز ۽ دوائن جي مٽاسٽا جا خطرناڪ اثر ٿي رهيا آهن هن چيو ته ڊاڪٽرن واضح ڪيو آهي ته جلد ئي ميان نوازشريف کي ملڪ کان ٻاهر منتقل نه ڪيو ويو ته معاملو پاڪستاني ڊاڪٽرن جي هٿن مان نڪري ويندو هن چيو ته ڊاڪٽرن کي خدشو آهي ته پليٽ ليٽس وڌائڻ جي ڪوشش ۾ هارٽ اٽيڪ گردن ۽ ٻين عضون جي متاثر ٿيڻ جا خطرا وڌي چڪا آهن هن چيو ته قوم کي ميان نوازشريف جي صحت لاءِ دعا جي درخواست آهي.

مريم اورنگزيب وزراعطم عمران خان جي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته عمران صاحب جنهن ملڪ جو وزيراعظم ڪوڙو، نااهل نالائق ۽ بي رهم هجي ان جي حڪومت جو هر ايندڙ سال عوام لاءِ سخت هوندو هن چيو ته عمران صاحب هڪ سال اڳ هن ملڪ ۾ عوام خوشحالي مهانگائي 3 سيڪڙو ترقي جي شرح 5.8 سيڪڙو هئي عمران صاحب هڪ سال اڳ هن ملڪ ۾ ڪاروبار ۽ روزگار هو عمران صاحب هڪ سال ۾ اوهان جي ڪوڙن ۽ نااهلي عوام کي بدحالي ڪري ڇڏيو آهي هن چيو ته عمران صاحب اوهان جي هوندي هر گذرندڙ ۽ ايندڙ سال ملڪ ۽ عوام لاءِ سخت ثابت ٿيندو ڇو ته اوهان وڏا ڪوڙا نالائق ۽ نااهل آهيو هن چيو ته عمران صاحب جڏهن کان اوهان مڙهيا ويا آيو هن ملڪ ۽ قوم سخت پريشاني کي منهن ڏيئي رهيو آهي ۽ هاڻي هي پريشاني اوهان جي وڃڻ سان ختم ٿيندي عمران صاحب نوازشريف پاڪستان کي 11 هزار ميگاواٽ بجلي جو تحفو ڏيئي چڪو آهي هن چيو ته ملڪ ۾ بجلي جي نه پر جيڪو ڌاڙو اوهان بجلي ۽ گئس جا بل وڌائي هڻي رهيا آهيو ان سبب عوام سخت پريشان آهي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *