وفاقي حڪومت پاران 65 هزار ماڻهن جا نالا اي سي ايل مان ڪڍڻ جو اعلان

اسلام آباد(اي پي پي) گهرو وزارت عوام کي پاسپورٽ جي فراهميءَ جي حوالي سان (اڄ) خميس کان ايس ايم ايس جي سروس جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، هاڻي عوام کي پاسپورٽ وٺڻ جي حوالي سان ڪنهن سفارش جي ضرورت نه پوندي، وڌيڪ 59 هزار ماڻهن جا نالا ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ مان ڪڍيا ويندا. هلندڙ سال جي پڄاڻيءَ تائين 91 ملڪن ۾ پاڪستاني سفارتخانن ۾ مشينري ريڊ ايبل پاسپورٽ جي فراهمي شروع ٿي ويندي. ان ڳالهه جو اعلان گهرو وزير چوڌري نثار علي خان اربع ڏينهن هتي پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. هن چيو ته گهرو وزارت عوام کي پاسپورٽ جي فراهميءَ جي حوالي سان (اڄ) خميسکان ايس ايم ايس سروس جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، جنهن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. درخواست ڏيڻ سان پاسپورٽ حاصل ڪرڻ تائين هڪ شخص اهو ڄاڻي سگهندو ته سندس پاسپورٽ ڪهڙي مرحلي ۾ آهي ۽ انهن کي هڪ ايس ايم ايس نمبر ڏنو ويندو جتي ميسيج ڪري هو ان بابت معلومات وٺي سگهندا. ايندڙ مهيني کان راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ تيار پاسپورٽ جي هوم ڊليوري پڻ شروع ڪئي ويندي. هن ٻُڌايو ته عوام جي سهولت لاءِ نادرا سان گڏجي لاهور، ڪراچي، اسلام آباد ۾ ميگا سروس سينٽر ٺاهي رهيا آهيون. هن چيو ته اِي سي ايل مان به ماڻهن جا نالا ڪڍيا پيا وڃن هاڻي ڪنهن جو نالو ان کي ٻُڌائڻ بنا اِي سي ايل ۾ نه ڏنو ويندو. 5 هزار ماڻهن جا نالا اِي سي ايل مان ڪڍيا آهن، جڏهن ته وڌيڪ 59 هزار ماڻهن جا نالا ڪڍيا ويندا، جنهن شخص جو نالو اِي سي ايل ۾ وڌو ويندو ان کي اپيل جو حق هوندو ۽ هر سال ان فهرست تي نظرثاني پڻ ٿيندي. هن چيو ته سيڪيورٽي ۽ دفاعي ادارن جي ملازمن ۽ منشيات جي اسمگلرن جا نالا اِي سي ايل ۾ موجود رهندا ۽ سيڪيورٽي ۽ دفاعي ادارن جا ملازم لاڳاپيل اداري جي اجازت بنا ملڪ کان ٻاهر نه وڃي سگهندا. هن چيو ته نادرا ۽ ايف آءِ اي مان گند صاف ڪنداسين، نادرا ۾ ڪنهن سياست ڪرڻ نه ڏينداسين، ڏيڍ سال ۾ 80 هزار سال جعلي سُڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪيا آهن، گذريل ڪجهه مهينن دوران 138 نادرا ملازمن کي نوڪرين مان ڪڍيو ويو آهي جيڪي جعلي سُڃاڻپ ڪارڊ ٺاهڻ ۾ ملوث هئا، جڏهن ته ڪجهه ماڻهن کي گرفتار پڻ ڪيو ويو آهي. انهن ماڻهن ايراني ۽ افغانين کي جعلي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي پئي ڏنا. هن چيو ته نادرا ۾ سڌارن کانپوءِ هاڻي اهو هڪ نفعي وارو ادارو بڻجي ويو آهي، اهڙيءَ طرح پاسپورٽ سيل پڻ گذريل سال 17.7 ارب رپين جو نفعو ڪمايو. هن سال 18.8 ارب رپين جو منافعو متوقع آهي. ايندڙ سال توقع آهي ته اهو منافعو 21 ارب رپيا ٿي ويندو. هن چيو ته ان منافعي سان عوام کي به متبادل طور سٺي سروس ڏينداسين ۽ بهتر ڪم ڪندڙ ملازمن کي سهولتون پڻ ڏنيون وينديون. گهرو وزير چيو ته ايف آءِ اي ۾ ملازمن جي کوٽ آهي جنهن کي پورو ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. هڪ سوال تي هن چيو ته مشينري ريڊ ايبل پاسپورٽ جي حوالي سان هلندڙ سال جي آخر تائين 91 ملڪن ۾ پاڪستاني سفارتخانن اندر اهڙي سهولت ڪم شروع ڪري ڇڏيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *