وزيراعظم جو نام نهاد هاري پيڪيج سياسي چال آهي: آصف زرداري

اسلام آباد (بيورو) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري هاري پيڪيج کي رد ڪندي چيو آهي ته مڪاني چونڊن کان پهريان وزيراعظم جو نام نهاد هاري پيڪيج سياسي چال آهي. مخالف ڌر ۽ هاري ڪڏهن کان رڙيون ڪري رهيا آهن پر حڪومت ٻوڙي ۽ گونگي بڻيل آهي. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري هڪ بيان ۾ چيو آهي ته مڪاني چونڊن جو شيڊيول آيو ته حڪومت هارين لاءِ پيڪيج جو اعلان ڪيو جيڪا هڪ سياسي چال آهي. وزيراعظم جي هاري پيڪيج تي مايوسي ٿي آهي هارين کي ڏنل رليف پيڪيج نه رڳو ناڪافي آهي پر دير سان ڏنو ويو. هن وڌيڪ چيو ته مخالف ڌر ۽ هاري ڪڏهن کان رڙيون ڪري رهيا آهن پر حڪومت ٻوڙي ۽ گونگي بڻيل آهي. هارين جي پيداوار تي امدادي قيمت گهري ته حڪومت نه ڏني. اڳوڻي صدر سنڌ سرڪاري جي تعريف ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت هارين جي مالي مدد به ڪندي آهي ۽ ڀاڻ، ٻچ به مفت فراهم ڪري رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *