وفاقي حڪومت جو اورسيز پاڪستانين لاءِ صحت کارڊ جاري ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد (اين اين آءِ) وفاقي حڪومت 15 آڪٽوبر تي ٻاهرين ملڪن ۾ ڪم ڪندڙ پورهيتن لاءِ صحت ڪارڊ جاري ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته وزيراعظم جي هدايت تي رياست پاڪستان ملڪ کان ٻاهر رهندڙ مزدورن کي علاج جي سهولت فراهم ڪندي 17 آگسٽ تي وزيراعظم اهم اعلان ڪندو 14 آگسٽ تي ڪشمير سان ٻڌي جو ڏهاڙو ملهائي رهيا آهيون 15 آگسٽ اسان ڪاري ڏينهن طور ملهائينداسين ذلفي بخاري سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڊاڪتر ظفر مرزا چيو ته وزيراعظم کي عام عوام، غريب طبقي ۽ مستحق ماڻهن جو احساس آهي هن چيو ته صحت سهولت پروگرام ملڪ جي 43 ضلعن ۾ هلي رهيو آهي هن چيو ته ٿرپارڪر ۽ فاٽا جي ضم ٿيڻ کان پوءِ اتي به هي سهولت فراهم ڪئي ويئي آهي هن چيو ته 17 آگسٽ تي وزيراعظم اعلان ڪندو هن چيو ته اورسيز وزار ۽ صحت جي وزارت گڏجي ملڪ کان ٻاهر رهندڙ پاڪستانين لاءِ پروگرام تيار ڪيو آهي هن چيو ته جيڪو پاڪستاني مزدور ۽ ضرورتمند ماڻهو ملڪ کان ٻاهر آهي انهن جي خاندان کي به صحت پروگرام شامل ڪنداسين ذلفي بخاري چيو آهي ته جيڪو پاڪستاني مزدور ٻاهرين ملڪ وڃي ٿو ان کي به صحت ڪرڊ ڏينداسين هن چيو ته مزدور ماڻهو محنت ڪرڻ پنهنجي خاندان کي ڇڏي ٻاهرين ملڪ وڃن ٿا هنچ يو ته ٻاهرين ملڪن ۾ ليبر ڪيمپس جا دورا به ڪيا آهن عام طور تي مزدور طبقو قرض وٺي ٻاهرين ملڪ وڃي ٿو هن چيو ته غربت ۽ ڏکيائي سبب ڪجهه ماڻهو غلط ڪم ڪرڻ تي مجبور ٿين ٿا هن چيو ته وزيراعطم عمران ان جو ٿورائتو آهيان جو هن ان طبقي لاءِ قدم کنيا هن چيو ته ظفر مرزا ۽ صحت جي وزارت ان تي تيزي سان ڪم ڪيو آهي 15 آڪٽوبر کان ٻاهرين ملڪ ويندڙ مزدورن لاءِ صحت سهولت شروعات ڪري رهيا آهيون جيڪو به مزدور ٻاهر ويندو صحت جي وزارت ۽ اورسيز وزارت گڏجي ان جي علاج جو خرچ برداشت ڪندا. هن چيو ته ملڪ کان ٻاهر رهندڙ پاڪستانين کي اپيل آهي ته 15 آگسٽ تي ڀارتي قونصليٽ جي ٻاهران احتجاج ڪن هن چيو ته مان پاڻ به 15 آگسٽ تي لنڊن ۾ انڊين هاءِ ڪميشن آڏو احتجاج ۾ شرڪت ڪندس.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *