وطن لاءِ حياتي ڏيڻ سڀ کان وڏي قرباني آهي، شهيد قوم جا هيرو آهن : آرمي چيف

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد جاويد باجوا چيو آهي ته وطن لاءِ حياتي ڏيڻ سڀ کان وڏي قرباني آهي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا شهيد ليفٽيننٽ ڪرنل راشد ڪريم بيگ، شهيد ليفٽيننٽ وسيم حيات ۽ سپاهي غلام رضا جي پونئيرن سان سندن رهائش گاهن تي ملاقات ڪيون، ان موقعي تي آرمي چيف جي گهرواري به ساڻس گڏ هئي. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو ته وطن جي بچاءَ ۽ پنهنجي سرزمين جي حفاظت لاءِ جان جو نذرانو پيش ڪرڻ سڀ کان وڏي قرباني آهي، شهيد قوم جا هيرو آهن ۽ اسان پنهنجي هيروز کي سدائين ياد رکنداسين. هن چيو ته هيروز کي ياد رکڻ هٿياربند فوج ۽ قوم ٻنهي جي دلين کي گرمائڻ جو ذريعو آهي، شهيدن جي وارثن جو احسان ڪڏهن به نٿا لاهي سگهو، پنهنجي شهيدن جي وارثن جا قربانين لاءِ جيترا به ٿورا مڃون گهٽ آهن، آرمي جي هيروز کي ياد ڪرڻ پونئيرن جي حوصلا فزائي آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *