وفاقي بجيٽ پيش، خساري ۾ واڌ، کائڻ جون شيون مهانگيون، اپوزيشن جو احتجاج، “گو عمران گو” جا نعرا

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) روينيو بابت مملڪتي وزير حماد اظهر قومي اسيمبلي ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي پهرين مڪمل بجيٽ پيش ڪري ڇڏي جنهن جي تقرير دوران مخالف ڌر طرفان سخت احتجاج ڪيو ويو. روينيو بابت مملڪتي وزير حماد اظهر مالي سال 20-2019 جي بجيٽ پيش ڪندي چيو ته وزير اعظم عمران خان جي قيادت ۾ هڪ نئين سفر جو آغاز ٿيو آهي، تحريڪ انصاف نئين سوچ، نئين عزم ۽ هڪ نئون پاڪستان آندو آهي، پاڪستان جي ماڻهن جي مرضي اسان کي هتي آندو آهي، هاڻ وقت آهي ماڻهن جي زندگي ڪرڻ جو، ادارن ۾ ميرٽ آڻڻ جو ۽ ڪرپشن ختم ڪرڻ جو. هن چيو ته اسان سڀ هن ملڪ ۽ آئين جا محافظ آهيون، هن حڪومت جي چونڊجندي وقت موجود معاشي صورتحال کي ياد ڪيو ۽ ڪجهه حقيقتون ٻڌائڻ جي اجازت ڏيو. سندس چوڻ هو ته پاڪستان جو گڏيل قرض ۽ ادائيگيون 31 هزار ارب رپيا هئي ۽ 97 ارب ڊالر پرڏيهي قرض ۽ ادائيگيون هيون ۽ ڪيترائي واپاري قرض وڌيڪ سود تي ورتا ويا، گذريل 5 سالن ۾ برآمدات ۾ ڪا به واڌ نٿي هئي، جڏهن ته حڪومت جو مالياتي خسارو 2 هزار 260 ارب رپين تائين پهچي ويو هو. مملڪتي وزير ٻڌايو ته جڏهن تحريڪ انصاف کي حڪومت ملي ته بجلي جي نظام جو گردشي قرض 1200 ارب رپين تائين پهچي ويو هو ۽ 38 ارب رپي اماهوار جي شرح سان وڌندو رهيو، سرڪاري ادارن جي ڪارڪردگي 1300 ارب رپين جي گڏيل خسارين سان ظاهر ٿي، پاڪستاني رپئي جو قدر بلند رکڻ جي لاءِ اربين ڊالر هنيا ويا، هن مهانگي حڪمت عملي سان برآمدات کي نقصان رسيو، درآمدات کي سبسڊي ملي ۽ معيشت کي نقصان رسيو، ائين گهڻي دير نه پئي هلي سگهيو ان ڪري ڊسمبر 2017ع ۾ رپيو ڪرڻ لڳو ۽ ترقي جو زور ٽٽي پيو، شين جي قيمتن تي دٻاءُ وڌي رهيو هو. هن چيو ته حڪومت وقت جي ذميواري هئي ته هو مناسب بندوبستن سان صورتحال کي قابو ڪري ها، اسان فوري خطرن کي منهن ڏيڻ ۽ معاشي استحاڪم جي لاءِ ڪجهه بندوبست ڪيا، درآمدي ڊيوٽي ۾ واڌ سان اِها درآمدات 49 ارب ڊالر کان گهٽ ٿي 45 ارب ڊالرن تائين اچي وئي ۽ واپاري خسارو 4 ارب ڊالر گهٽ ٿيو. وزير اعظم طرفان اعتماد ڏيارڻ سان ترسيلات زر ۾ 2 ارب ڊالر جي واڌ ٿي، 38 ارب رپيا ماهوار جي حساب سان وڌندڙ بجلي جي گردشي قرضي ۾ 12 ارب رپين جي ماهوار گهٽتائي آئي ۽ ان کي 26 ارب رپين تي آندو ويو جڏهن ته چين، متحده عرب امارات ۽ سعودي عرب سميت ٻين ملڪن مان 9.2 ارب ڊالر جي امداد ملي ان امداد تي  انهن ملڪن جا ٿورائتا آهيون. سندس چوڻ هو ته صنعتي ۽ برآمدي شعبن کي رعايتي اگهن تي بجلي ۽ گيس جي فراهمي، گهٽ وياج تي قرض جي فراهمي، ڪچي تيل تي لاڳو درآمدي ڊيوٽي ۾ گهٽتائي جي ذريعي گڏيل طور تي 10 ارب رپين جي رعايت، برآمدي شعبي ۾ وزير اعظم جي پروگرام ۾ 3 سالن جي واڌ، چين کان 313 شين جي ڊيوٽي فري معاهدي جهڙن بندوبستن سان موجوده سال ۾ برآمدات جي حجم ۾ واڌ ٿي. حماد اظهر چيو ٻڌايو ته نِٽ ويئر ۾ 16 سيڪڙو، بيڊ ويئر ۾ 10 سيڪڙو، ريڊي ميڊ گارمنٽس ۾ 29 سيڪڙو، ڀاڄين ۽ ميون ۾ 11 ۽ 18 سيڪڙو ۽ باسمتي چانورن جي مقدار ۾ 22 سيڪڙو واڌ ٿي.  هن چيو ته ان کان سواءِ آءِ ايم ايف کان 6 ارب ڊالر جو معاهدو ٿي ويو آهي، آءِ ايم ايف جي بورڊ جي منظوري کان پوءِ ان تي عملدرآمد شروع ٿي ويندو، ان پروگرام ۾ هئڻ جي ڪري گهٽ وياج تي 2 کان 3 ارب ڊالر جي اضافي امداد به ميسر ٿيندي، مالياتي نظم ۽ ضبط ۽ بنيادي سڌارن جي لاءِ حڪومت جي سنجيدگي نظر ايندي جنهن سان عالمي سيڙپڪارن جو اعتما حاصل ٿيندو ۽ معيشت کي استحاڪم حاصل هوندو. هن چيو ته سعودي عرب کان فوري ادائيگي کان سواءِ 3.2 ارب ڊالر جي ساليانو تيل درآمد ڪرڻ جي سهولت حاصل ڪئي جيئن عالمي ڪرنسي جي ذخيرن تي دٻاءُ گهٽ ٿئي، ان کان سواءِ حڪومت اسلامي ترقياتي بينڪ کان هڪ ارب ڊالر جي فوري ادائيگي کان سواءِ تيل درآمد ڪرڻ جي سهولت حاصل ڪئي، انهن قدمن جي ڪري ئي هن سال ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ 7 ارب ڊالرن جي گهٽتائي ايندي. حماد اظهر ٻڌايو ته پرڏيهي استحاڪم کان سواءِ حڪومت ٻيا بندوبست به ڪيا، اثاثا ظاهر ڪرڻ جي اسڪيم تي عملدرآمد جاري آهي جنهن سان ٽيڪس جو دائرو وسيع ٿيندو ۽ بنا نالي ۽ غير رجسٽرڊ اثاثا معيشت ۾ شامل هوندا، 95 ترقياتي منصوبا مڪمل ڪرڻ جي لاءِ فنڊ جاري ڪيا ويا، اسٽيٽ بينڪ کي وڌيڪ خودمختياري ڏني وئي، ٽيڪس پاليسي کي ٽيڪس انتظاميا کان الڳ ڪيو ويو آهي جيئن ٻئي ڪم بهتر طريقي سان ٿين، هڪ ٽريزري بينڪ اڪائونٽ بڻايو ويو آهي ۽ هاڻ حڪومت جي رقم ڪمرشل بينڪ اڪائونٽ ۾ رکڻ منع آهي، پاڪستان بڻايو سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو ويو جيئن سمنڊ پار پاڪستاني 6.75 سيڪڙو منافعي مان فائدو کڻي وطن ۾ سيڙپڪاري ڪن.  ٻئي طرف  قومي اسيمبلي ۾ روينيو واري مملڪتي وزير حماد اظهر طرفان وفاقي بجيٽ پيش ڪئي وئي جنهن دوران اپوزيشن ميمبرن احتجاج ڪري وزيراعظم خلاف سخت نعريبازي ڪئي،  بجيٽ پيش ڪرڻ دوران اپوزيشن ميمبر پنهنجي سيٽن تي بيهي رهيا ۽ اسپيڪر ڊائس سامهون گڏ ٿي ويا، کين پلي ڪارڊ کنيل ها ۽ اهي وزيراعظم عمران خان خلاف نعريبازي ڪندي گو نيازي گو ۽ گو عمران گو جا نعرا هڻي رهيا هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *