اڳوڻو صدر رمانڊ تي نيب حوالي، منهنجي گرفتاري دٻاءُ جي حربي ۾ آهي: زرداري

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد جي احتساب عدالت جعلي بئنڪ اڪائونٽ ڪيس ۾ گرفتار اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي 10 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي نيب حوالي ڪري ڇڏيو آهي. نيب گذريل ڏينهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان آصف زرداري جي مستقل ضمانت جي درخواست رد ٿيڻ کيس زرداري هائوس مان گرفتار ڪيو هو. نيب طرفان اڳوڻي صدر کي احتساب عدالت جي ارشد ملڪ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. ٻڌڻي دوران نيب پراسيڪيوٽر مظفر عباسي موقف اختيار ڪيو ته بئنڪ اختيارين جي سهڪار سان جعلي بئنڪ اڪائونٽ کوليا ويا، جوابدار کي گرفتار ڪيو آهي، جاچ لاءِ رمانڊ جي ضرورت آهي. جج ارشد ملڪ پڇاڻو ڪيو ته آصف زرداري کي ڪهڙي بنيادن تي گرفتار ڪيو ويو پهريان اهي ٻڌايو جنهن تي نيب پراسيڪيوٽر چيو ته گرفتاري جي بيناد پڙهي ٻڌايان ٿو. نيب پراسيڪيوٽر طرفان چيو ويو ته آصف زرداري جي گرفتاري لاءِ اٺ پڪا بنياد آهن ، هن جعلي اڪائونٽن ۾ ٽرانزيڪشن ڪري غيرقانوني آمدني کي جائز ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو ۽ پنهنجي فرنٽ مين ۽ بي نامي دارن ذريعي مني لانڊرنگ ڪئي، هن بئنڪ اختيارين جي سهڪار سان جعلي اڪائونٽن کوليا. نيب احتساب عدالت کان آصف زرداري جي 14 ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي استدعا ڪئي جنهن تي عدالت فيصلو محفوظ ڪري ورتو. احتساب عدالت اٽڪل هڪ ڪلاڪ کان پوءِ فيصلو ٻڌائيندي اڳوڻي صدر جو 10 ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪندي کيس نيب جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي. عدالت آصف زرداري کي 21 جون کي ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. آصف زرداري نيب جيل ۾ اضافي سهولتن جي درخواست داخل ڪندي چيو ته ذاتي خدمتگار گڏ رکڻ جي اجازت ڏني وڃي ۽ سموريون طبي سهولتون به مهيا ڪيون وڃن. ان موقعي تي سيڪيورٽي جا انتهائي سخت انتظام ڪيا ويا هئا، 3 سئو پوليس اهلڪار نيب راولپنڊي جي آفيس ۽ 500 اهلڪار احتساب عدالت ٻاهران مقرر هئا جڏهن ته رينجرز اهلڪارن به گشت ڪيو.  اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته سليڪٽڊ وزيراعظم کي ڪا خبر ناهي، هي سڀ گهرو وزير ڪرائي رهيو آهي. عدالت جي ڪمري ۾ صحافين سان غيررسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو ته سليڪٽڊ وزيراعظم کي ڪا خبر ناهي، سڀ گهرو وزير ڪرائي رهيو آهي، پرويز مشرف چونڊيل نمائندو نه هو تنهنڪري جيل وڃڻ لاءِ تيار ناهي، پرويز مشرف کي ووٽ وٺڻ لاءِ ناهي وڃڻو اسان کي ووٽ لاءِ وٺڻ وڃڻو آهي. آصف زرداري چيو ته گرفتاري ٽئين دنيا ۾ سياست جو حسن آهي، منهنجي گرفتاري دٻاءُ جي حربي ۾ آهي جڏهن ته مون چيو هو ته نيب چيئرمين جي ڪهڙي مجال، سڀ حڪومت ڪندي آهي پر عمران خان کي لنڊن ڀڃندي ڏسي رهيو آهيان. هڪ سوال تي نواز شريف کي پارليامنٽ مان آئوٽ ڪيو ويو، ڇا اوهان تي به اهو ئي فارمولو اپلائي ڪيو پيو وڃي، جنهن جي جواب ۾ آصف زرداري چيو ته ڪهڙو فرق پوندو، مان نه هوندس ته بلاول هوندو ۽ بلاول نه هوندو ته آصفه هوندي. صحافي طرفان سوال تي نواز شريف ميمو گيٽ تي افسوس جو اظهار ڪيو، اوهان کي بلوچستان حڪومت ڪيرائڻ تي افسوس آهي، اڳوڻي صدر چيو ته سياست ۾ انسان کي پوزيشن وٺڻي پوندي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *