وزير اعظم کي چوڻ چاھيان ٿو تھ آفيسرن جي بدلين تي نظر ثاني ڪريو: مراد علي شاھ

خيرپور(م.ڊ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھھ چيو آھي تھ وزير اعظم کي چوڻ چاھيان ٿو تھ آفيسرن جي بدلين تي نظر ثاني ڪريو، آفيسرن جون بدليون قانون جي مطابق ٿيڻ گھرجن،  خيرپور ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي وڏي وزير چيو تھ قانون ۾ ترميمون ھميشھ مشاورت سان ٿيون آھن، ھن چيو تھ وزير اعظم ۽ وڏي وزير کي آفيسرن جي بدلين تي مشاورت ڪرڻ گھرجي، ھن چيو تھ سال 2020 ۾ قانون پاس ٿيو ھو تھ بدليون مشاورت سان ٿينديون.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *