ڪرونا فنڊ ۾ 40 ارب رپين کان وڌيڪ گهوبين تي نيب ڇو خاموش، پ پ جاچ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (اين اين آءِ) پيپلزپارٽي جي نائب صدر سينيٽر شيري رحمان ڪرونا فنڊ ۾ گهوٻين جي جاچ جي گهر ڪندي چيوت ه ڪرونا فنڊ ۾ 40 ارب رپين کان وڌيڪ گهوبين تي احتساب وارا ادارا ڇو خاموش آهن پنهنجي بيان ۾ شيري رحمان چيو ته 40 ارب کان وڌيڪ گهوٻين جو ڪنهن اپوزيشن الزام ناهي مڙهيو گهوٻين جي تصديق آڊيٽر جنرل جي آڊٽ رپورٽ ۾ ٿي آهي. شيري رحمان چيو ته اسان حڪومت کان ڪرونا فنڊ بابت پارليامينٽ ۾ ڪيترائي ڀيرا سوال پڇيا پارليامينٽ ۾ حڪومت ڪڏهن به جواب ناهي ڏنو هن چيو ته ٻين جو احتساب ڪندڙ شفافيت کان ڀڄي رهيا آهن. هاڻي حڪومت آڊٽ لاءِ مڪمل خرچن جو تفصيل فراهم ناهي ڪيو شيري رحمان چيو ته ڪرونا فنڊ ۾ ڪرپشن جو هي اڄا ٽيلر آهي سڄي فلم اڃا اچڻي آهي ڪرونا فنڊ عوام جي امانت آهي تباهي سرڪار ڪرونا فنڊ کي به نه بخشيو اسان ڪرونا فنڊ ۾ ڪرپشن جي مڪمل جاچ جي گهر ڪريون ٿا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *