وزير اعظم کي خط لکڻ کان اڳ اپوزيشن پارٽين کي اعتماد ۾ وٺندس، وزير اعظم پاڻ کي احتساب لاءِ پيش ڪري: خورشيد شاهه

اسلام آباد  (م.ڊ/اين اين آءِ)مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته اخلاق جا ضابطا قانون کان سخت هوندا آهن، وزير اعظم پاڻ کي احتساب لاءِ پارليامينٽ ۾ پيش ڪري. نجي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو ته وزير اعظم کي پاناما ليڪس تي پارليامينٽ ۾ اچي پوزيشن واضح ڪرڻ گھرجي. وقت جي گھرج اها آهي ته وزير اعظم پاڻ کي احتساب لاءِ پيش ڪري. هن چيو ته اپوزيشن جي ٽي او آر ۾ ڪا اهڙي ڳالهه ناهي جيڪا حڪومت رد ڪري. اڪثر ڪري اخلاق جا ضابطا قانون جي ضابطن کان وڌيڪ سخت هوندا آهن. بال هاڻي حڪومت جي ڪورٽ ۾ آهي. معاملي کي سٺي نموني اڪلائي سگھجي ٿو. ٻئي طرف  قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ خورشيد شاهه پانامه ليڪس معاملي جي جاچ جي لاءِ وزيراعظم کي خط لکڻ کان پهريان اپوزيشن جماعتن کي اعتماد ۾ وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي اطلاعن موجب پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳوا۽ اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه وزيراعظم کي خط لکڻ کان اڳ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شاهه محمود قريشي، جماعت اسلامي جي امير سراج الحق، عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد سميت ٻين اڳواڻن سان ٽيليفون تي رابطو ڪري کين اعتماد ۾ وٺندو اپوزيشن ليڊر جو چوڻ آهي ته عوامي کي خط لکڻ کان پهريان سڀ دوستن سان مشاورت ڪئي ويندي اپوزيشن طرفان جاچ ڪميشن جي ٽرمس آف ريفرنس اخباري خبرن ذريعي نه پر باضابطه طور موڪليون وينديون ۽ اپوزيشن کي اعتماد ۾ وٺن کان پوءِ ايندڙ 24 ڪلاڪن اندر وزيراعظم کي ان حوالي سان خط لکيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *