اپوزيشن ميمبر وزيراعظم جو احتساب ۽ ٻين کي موڪل ڏيڻ چاهين ٿا: خواجه آصف

اسلام آباد (اين اين آءِ) دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته اپوزيشن ميمبر رڳو وزيراعظم جو احتساب ۽ باقي ماڻهن کي موڪل ڏيڻ چاهين ٿا حڪومت جي ڪاميابي جي خوف کان وزيراعظم جي استعيفا جو مطالبو /ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 15

ڪيو پيو وڃي. احتساب سڀني جو ٿيڻ گهرجي سپريم ڪورٽ بااختيار ادارو آهي احتساب لاءِ ڪنهن به نئين قانون جي ضرورت نه آهي هڪ انٽرويو ۾ دفاع واري وزير چيو ته اپوزيشن جي ٽي او آر مان لڳي ٿو ته ان جو سمورو ڏيان نوازشريف تي اهي وزيراعظم پنهنجو پاڻ کي احتساب لاءِ پيش ڪيو آهي ۽ اپوزيشن حڪومت کان ڊنل آهي جيڪڏهن هو 2018 تائين رهيو ته پوءِ واپسي جو ڪوبه رستو نه هوندو ۽ سندس دڪانداريون بند ٿي وينديون ۽ اميد آهي ته انشاءالله ايئن ئي ٿيندو خواجه آصف چيو ته موجوده صورتحال ۾ ڪنهن به قانونسازي جي ضرورت نه آهي وزيراعظم جيڪو ڪميشن جوڙيو آهي اهو مڪمل طور تي بااختيار آهي اپيلس ڪورٽس جي ڪميشن ڪا معمولي نه آهي ۽ ان ڪميشن کي تمام اختيار حاصل آهن اپوزيشن خوف سبب وزيراعظم کان استعيفا جو مطالبو ڪري رهيون آهن هن چيو ته اسان جي ٽي او آرز ۾ اپوزيشن جا تمام مطالبا تسليم ڪيل هئا اپوزيشن کي سال 2018 تائين انتظار ڪرڻو پوندو اپوزيشن رڳو وزيراعظم جو احتساب ۽ باقي ماڻهن کي موڪل ڏيڻ چاهي ٿي پانامه ليڪس ۾ اپوزيشن ۾ ويٺل ماڻهن جا نالا به آهن هن چيو ته سپريم ڪورٽ کي خط لکيو ويو آهي ۽ اها پاڪستان جي سب کان وڏي عدالت ۽ عدالت پنهنجا سمورا اختيار استعمال ڪري سگهي ٿي هن چيو ته وزيراعظم جو پانامه ليڪس ۾ نالو نه آهي. جيڪي ماڻهو ڳالهيون ڪري رهيا آهن انهن جون ساڄي ۽ کاٻي پاسن کان آف شور ڪمپنين جا مالڪ ويٺل آهن هن چيو ته گڏيل ٽي آر اوز بنائڻ ۾ ڪابه مشڪل نه آهي پر الزام لڳائيندڙن کي ڪجهه نظر نٿو اچي هن چيو ته اعتزازاحسن جو به نالو ورتو وڃي. جيڪو اخلاقي جواز وڃائي چڪو آهي ٽي آر اوز تي پارليامينٽ ۾ به ڳالهه ٻولهه ٿي سگهي ٿي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *