وزير اعظم جو ادارن کي مقرر وقت ۾ خانگائڻ جو حڪم

اسلام آباد (م.ڊ/اين اين آءِ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان جي حڪومت جيتري وڏي خساري کي منهن ڏنو اڳ ڪنهن به حڪومت ايڏي وڏي خساري کي منهن ناهي ڏنو اسان جو پهريون سال ڏکيو هو هاڻي معيشت مستحڪم ٿي ويئي رپئي جي ملڪ ۾ ڪنهن سپورٽ کان سواءِ اضافو ٿي رهيو آهي سيڙپڪارن جو اعتماد وڌي رهيو آهي اسان کي هتان اڳتي وڌڻو آهي ماڻهن کي روزگار ڏينداسين جمعي تي اسلام آباد ۾ هوا مان 360 ميگاواٽ بجلي جي پيداوار جي سپر 6 منصوبي جي معاهدي جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته اسان جو پهريون سال ڏاڍو ڏکيو هو ڇو ته وڏو ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو هو ڪنهن به حڪومت کي 20 ارب ڊالر ڪرنٽ اڪائونٽ جو خسارو نه هو وزيراعظم عمران خان چيو ته منهنجي معاشي ٽيم وڏي محنت سان ۽ ڏکيو وقت ڪڍي اسان جي معيشت مستحڪم ٿي ويئي آهي ۽ رپئي جي ملهه ۾ ڪنهن سپورٽ بنا اضافو ٿي رهيو آهي اسان جي اسٽاڪ مارڪيٽ مثبت آهي ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو گهٽجي رهيو آهي ايڪسپورٽ وڌي رهي آهي سيڙپڪارن جو اعتماد وڌي رهيو آهي عمران خان چيو ته 70 ڪروڙ ماڻهن کي 30 سالن ۾ غربت مان ڪڍڻ هي هڪ معجزو آهي عمران خان چيو ته چين جي ڪاميابي جا ٻيا به سبب آهن پر ان جو سڀ کان وڏو سبب ڊگهي مدي رٿابندي آهي اسان جي بدقسمتي شارٽ ٽرم پلاننگ آهي هن چيو ته اليڪشن جا پنج سال هوندا آهن حڪومت ايندي آهي سوچيندي آهي ته مان ڪهڙو اهڙو پروجيڪٽ ڪيان جيڪو اليڪشن کان اڳ مان ماڻهن کي ڏيکاريندس ۽ ان جي پبلسٽي تي ڪروڙين رپيا لڳائي ان تي اليڪشن کٽڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي وزيراعطمن چيو ته اهو اسان ۾ ۽ چين ۾ واضح فرق آهي چين جي لانگ ٽرم پلاننگ ايتري ته وڏي مدي جي آهي عمرانخ ان چيو ته پاڪستان ۾ هن وقت مهانگي بجلي جو مسئلو موجود آهي ان جي پويان لازمي ڪائي اهڙِ غلطي هوندي ته اسان سڀ کان سستي بجلي کان هاڻي ڏکڻ ايشيا ۾ سڀ کان مهانگائي بجلي بڻائي رهيا آهيون جنهن جي ڪري شرٽ ٽرم پلاننگ آهي. وزيراعظم چيو ته شارٽ ٽرم پلاننگ جو سڀ کان وڏو مثال بجلي جو آهي پاڪستان ۾ هائڊرو اليڪٽرڪ سٽي جي صلاحيت موجود هئي جڏهن ته ان کي ڇڏي اسان مهانگي امپورٽڊ ٻارڻ تي ٻڌل پاور اسٽيشن ٺاهڻ شروع ڪيا عمران خان چيو ته اها خبر به هئي ته بعد ۾ ان حوالي سان ڏکيائي ٿيندي ۽ اسان جي بجلي مهانگي ٿي ويندي جيئن ئي رپيو ڪرندي بجلي جي قيمت وڌي ويندي هن چيو ته مون کي هن منصوبي جي خوشي ٽن سببن جي ڪري آهي هڪ اهو ته سستي بجلي پيدا ٿيندا ٻي شئي صاف توانائي آهي ۽ گلوبل وارننگ ايندڙ نسلن لاءِ وڏو چئلينج آهي ۽ گلوبل وارمنگ سان متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ پاڪستان جو اٺون نمبر آهي ڇو ته پاڻي جو مسئلو مستقبل ۾ اڃا وڌي ويندي عمران خان چيو ته مان ورلڊ بئنڪ ۽ بين الاقوامي مالياتي اداري جو ٿورائتو آهيان.

ٻئي طرف  وزير اعظم عمران خان جي چيو آهي ته خانگائڻ جو مقصد روزاني جي بنياد تي سرڪاري ناڻي کي ڪروڙين اربين رپين جي خساري کان بچائڻ ۽ انهن ادارن کي لاڳاپيل شعبن ۾ اهل ماڻهن جي حوالي ڪرڻ آهي. وزير اعظم جي صدارت هيٺ خانگائڻ واري عمل ۾ اڳڀرائي جو جائزي وارو اجلاس ٿيو جنهن ۾ خانگائڻ واري وزير ميان محمد سومرو، ناڻي واري صلاحڪار حفيظ شيخ، پيٽروليم بابت خاص مددگار نديم بابر، سڌُ سماءَ ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق، خاص مددگار ذوالفقار عباس، خانگائڻ واري سيڪريٽري رضوان ۽ ٻين اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ خانگائڻ واري عمل ۾ اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو ۽ وزير اعظم کي خانگائڻ جي لاءِ نشاندهي ڪندڙ سرڪاري ادارن کي خانگائڻ واري عمل ۾ هن وقت تائين جي اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪئي وئي. اجلاس ۾ خانگائڻ واري سيڪريٽري رضوان ملڪ خانگائڻ واري عمل تي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ان عمل ۾ انهن ادارن ۽ شين کي شامل ڪيو ويو آهي جيڪي سرڪاري ناڻي تي مسلسل بار هئا يا پنهنجي صلاحيت کان گهٽ ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري رهيا هئا، اهڙي سرڪاري شين کي به خانگائڻ واري عمل ۾ شامل ڪيو ويو آهي جيڪي سالون سال غير استعمال ٿيل يا غير منافعي بخش آهن. وزير اعظم جو چوڻ هو ته اِهو تاثر درست ناهي ته خانگائڻ جي تحت حڪومت رڳو نقصان تي ٻڌل ادارن مان جند ڇڏرائڻ چاهي ٿي، خانگائڻ جو مقصد روزاني جي بنياد تي سرڪاري ناڻي کي ڪروڙين اربين رپين جي خساري کان بچائڻ ۽ انهن ادارن کي جن جي ڪارڪردگي چڱي ناهي انهن کي لاڳاپيل شعبن ۾ اهل ماڻهن جي حوالي ڪرڻ آهي. خانگائڻ واري سيڪريٽري کي هدايت ڏيندي وزير اعظم جو چوڻ هو ته خانگائڻ جي لاءِ نشاندهي ڪندڙ سمورن ادارن کي خانگائڻ جي مقرر ٽائيم فريم ۾ مڪمل ڪيو وڃي، اثاثن ۽ ادارن کي خانگائڻ واري عمل ۾ سمورين وزارتن جي متحرڪ ڪردار ۽ ڀرپور سهڪار کي يقيني بڻايو وڃي، حڪومت جي ترجمين هئڻ جي ڪري وزير اعظم کي خانگائڻ واري عمل جي اڳڀرائي کان مسلسل آگاهه رکيو وڃي ۽ ان ضمن ۾ ڪنهن به ڏکيائي کي هنگامي بنياد تي روڪيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *