وزيراعظم ٽائيگر فورس لاءِ ٺاهيل اپليڪيشن جاري ڪرڻ جي منظوري ڏيئي ڇڏي، متحرتڪ ميمبرن جا نالا طلب

اسلام آباد  (اين اين آءِ) وزيراعظم عمران خان سڄي ملڪ ۾ ٽائيگر فڳورس لاءِ جوڙيل اپليڪشن جاري ڪرڻ جي منظوري ڏيئي ڇڏي اربع تي هتي وزراعظم عمران خان سان عثمان ڊار ملاقات/ڏسو صفحو 2 بقايا نمبر 24

 ڪئي وزيراعظم ٽائيگر فورس سان متحرڪ اسيمبلي ميمبرن جي روپورٽ طلب ڪري ورتي وزيراعظم چيو ته ٻڌايو وڃي ته ڪنهن اسيمبلي ميمبر تائيگر فورس کي متحرڪ ڪرڻ ۾ ڪيترو ڪردار ادا ڪيو عوامي نمائندن پاران نوجوان رضاڪارن جي سرپرستي ضروري آهي ٽائيگر فورس مستقبل ۾ ملڪ جو قيمتي اثاثو بڻجي رهي آهي عثمان ڊار چيو ته وزيراعظم ٽائيگر فورس جي خدمتن جو دائرو وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي ٽائيگر بورس لاءِ ڊجيٽل ٽيڪنالوجي کي استعمال ۾ آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو ٽائيگر فورس کي ضلعي تعلقي يونين ڪائونسل ۽ وارڊ جي سطح تي مانيٽر ڪيو ويندو اپليڪيشن جي ذريعي سماٽ لاڪ ڊائون تي عمل ڪرائڻ ۾ به سولائي ٿيندي. هن چيو ته ٽائيگر فورس جون ٽيمون ٺاهي ڪپتان ۽ وائيس ڪپتان به نامزد ڪيا ويندا.  

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *