پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج تي ٿيل دهشتگرد حملي ۾ اهم اڳڀرائي، ڪڙيون افغانستان سان ملڻ جو انڪشاف

ڪراچي  (اين اين آءِ) پاڪستان اسٽاڪ ايڪچسنج تي حملي جي جاچ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته ان جو ڪڙيون افغانستان سان ملن ٿيون ۽ دهشتگردن کي ڪنڌار مان هدايتون ڏنيون پئي ويون دهشتگرد/ڏسو صفحو 2 بقايا نمبر 02

ن پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچيج پهچڻ لاءِ لياري ايڪسپريس وي استعمال ڪيو لياري ايڪسپريس وي غريب آباد انٽر ايڪسچينج کان چڙهي ۽ ماڙيپور انٽرچينج کان ٽاور پهتا تفصيل مطابق دهشتگردن وٽان مليل موبائيل فون جون رڪارڊ جاچ اداري حاصل ڪري ورتو ان حوالي سان جاچ عملدارن ٻڌايو ته نئين جاچ ۾ اها ڳالهه آڏو آئي آهي ته دهشتگردن جون ڪڙيون افغانستان تائين پهچن ٿيون دهشتگردن کي سهولتڪار ۽ هدايتون ڏيندڙ افغانستان جي  شهر ڪنڌار کان تعلق رکي ٿو جاچ عملدارن مطابق دهشتگردن کان ملندڙ موبائيل فون مان افغانستان جي ڪال ٽريس ٿي ويئي آهي وڌيڪ ڪالز جو رڪارڊ حاصل ڪيو پيو وڃي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج تي دهشتگرد حملي کان پوءِ دهشتگردن پاران خريد ڪيل ڪار جي شوروم تي سيڪيورٽي ادارن ڇاپو هنيو ڇاپي دوران شو روم جي مالڪ کان تفصيلي پڇا ڳاڇا ڪئي ويئي ذريعن مطابق حملي ۾ استعمال ٿيندڙ گاڏي بابت ثبوت تحويل ۾ ورتا ويا آهن شو روم جي مالڪ گاڏي جا ملڪيتي دستاويز ادارن جي حوالي ڪيو سيڪيورٽي ادارن شو روم جي سي سي ٽي وي ڪئميرا جي فوٽيج حاصل ڪري ورتي سي سي ٽي وي فوٽيج ۾ خريدار کي گاڏي جو سودو ڪندي ڏسي سگهجي ٿو ذريعن مطابق ته گاڏي جي شو روم تان روانگي جا فوٽين به ڪئميرا ۾ فلمبند آهن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *