وزيراعظم نواز شريف اڳوڻي صدر آصف زرداري سان ملاقات ڪرڻ کان معذرت ڪري ڇڏي

اسلام آباد(بيورو) وزيراعظم نواز شريف اڳوڻي صدر آصف زرداري سان ملاقات ڪرڻ کان معذرت ڪري ڇڏي آهي، پاڪ فوج خلاف بيان ڏيڻ کانپوءِ رٿيل ملاقات ملتوي ڪئي وئي، وفاقي وزيرن نواز شريف کي مشورو ڏنو ته فوج خلاف بيان کانپوءِ آصف زرداري سان ملاقات ڪرڻ ٺيڪ نه آهي. وزيراعظم نواز شريف ۽ اڳوڻي صدر آصف زرداري وچ ۾ اڄ ملاقات رٿيل هئي، ملاقات اچانڪ ملتوي ڪئي وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي وزيرن جي مشوري تي وزيراعظم نواز شريف اڳوڻي صدر آصفزرداري سان ملاقات ڪرڻ کان معذرت ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات جون سموريون تياريون مڪمل ڪيون ويون هيون، پر اچانڪ ملاقات ملتوي ڪئي وئي آهي، ملاقات ملتوي ڪرڻ بابت بلاول هائوس کي به آگاهه ڪيو ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي وزيرن وزيراعظم نواز شريف کي مشورو ڏنو آهي ته فوج تي خلاف بيان بعد آصف زرداري سان ملاقات نه ڪرڻ گهرجي، ان سان خراب پيغام ويندو. وزيراعظم هائوس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ملاقات رٿيل ئي نه هئي ته ملتوي ٿيڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. ٻئي پاسي، پ پ سينيٽر فرحت الله بابر چيو آهي ته آصف زرداري اڄ وزيراعظم سان ملاقات نه ڪندو، وزيراعظم ۽ آصف زرداري وچ ۾ ملاقات جو ٻيهر شيڊول جاري ڪيو ويندو……

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *