لاهور ۾ گهر کي باهه، هڪ ئي ڪٽنب جا 7 گهر ڀاتي سڙي فوت

راولپنڊي (اين اين آءِ) وفاقي گادي واري هنڌ اسلام آباد جي شهر راولپنڊي جي اسڪيم ٿري رضا پلازه ويجهو گهر ۾ باهه لڳڻ سان هڪ ئي ڪٽنب جا ست ڄڻا سڙِ فوت ٿي ويا اطلاعن مطابق باهه لڳڻ سان زال مڙس ۽ 5 ٻارڙا فوت ٿي ويا فوتين ۾ 3 عورتون 4 مرد شامل آهن فوتين ۾ شوڪت علي، ان جي زال، عائشه شوڪت، ٻنهي جا ٻارڙا، عمر شوڪت، عثمان، حسن فاطمه ۽ محسن شوڪت شامل آهن جڏهن ته هيٺين پورشن ۾ ان جو ڀيڻيو انجم شهزاد رهندو هو فوتين جا لاش ڊي ايڇ ڪيو اسپتالپهچايا ويا آهن ذريعن مطابق گهر وارا آرام ۾ هئا ته شارٽ سرڪٽ سبب باهه لڳي ۽ سمورن ماڻهن جو موت ساهه ٻوساٽجڻ سان ٿيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *