وزيراعظم سياسي مخالفن کي بليڪ ميل ڪرڻ بدران پنهنجي آف شور ڪمپنين ۽ اڪائونٽس جي وضاحت ڪري: عمران خان

اسلام آباد  (اين اين آءِ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته وزيراعظم پانامه ليڪس معاملي تي سياسي مخالفن کي بليڪ ميل ڪرڻ بدران پنهنجي آف شور ڪمپنين ۽ اڪائونٽس جي وضاحت ڪري سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر جاري ڪيل پيغام ۾ عمران خان چيو ته جهانگير ترين کي لکت ۾ واضح ڪري چڪا آهيون ته انهن ڪنهن کان به قرض معاف نه ڪرايو آهي ۽ غلط الزام لڳائيندڙن جي خلاف قانوني ڪارروائي به ڪئي ويندي عمران خان وڌيڪ چيو ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت آهي جيڪڏهن ان وٽ ڪنهن غلط ڪم جا ثبوت آهن ته پوءِ ان کي ان خلاف ايڪشن وٺڻ گهرجي ۽ معاملي جي جاچ ڪرائڻ گهرجي پانامه ليڪس جي حوالي سان پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين جو چوڻ هو ته آف شور ڪمپنين ۾ اڪائونٽس جي وضاحت بجاءِ شريف فئملي پنهنجي سياسي مخالفن کي بليڪ ميل ڪرڻ لاءِ حڪومتي مشينري استعمال ڪري رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *