خراب جاچ نظام سبب عدالتون ۽ جج انصاف فراهم نه ٿا ڪن: سراج الحق

لاهور (اين اين آءِ) جماعت اسلامي جي امير سينيٽر سراج الحق چيو آهي ته ملڪ ۾ 18 – 18 شگر ملون هڪ ئي خاندان جي ملڪيت آهن ماضي ۾ حڪمران  ڪوٽا ۽ لائسنس وٺي پيسا ميڙيندا هئا ۽ هاڻي ٺيڪن سان ترقياتي اسڪيمن ذريعي حڪمران انڊسٽريل اسٽيٽس ۽ روڊن جي ويجهو ڀڳڙن مٺ اگهه تي زمينون خريد ڪري رهيا آهن هن اهڙن خيالن جو اظهار گذريل ڏينهن مرڪزي شورا جي نون چونڊيل اميدوارن کي خطاب ڪندي ڪيو. سينيٽر سراج الحق چيو ته ناقص جاچ نظام سبب عدالتون ۽ جج انصاف فراهم نه ٿا ڪن. هن چيو ته پاناما ليڪس معاملي تي ڇا ڪارروائي ٿيڻي آهي جمشيد دستي جي پارليامينٽ لاجز جي اخلاقي ليڪس تي به قانون حرڪت ۾ نه آيو هن چيو ته پاڪستان سميت پوري اسلامي دنيا مسئلن ۽ ڏکيائين جو شڪار آهي عراق، شام، لبيا ۽ يمن جهڙا ملڪ نقشي تي وجود ته رکن ٿا پر انهن ملڪن ۾ عوام جا حق معطل ٿي چڪا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *