وزيراعظم جي صدارت هيٺ پارلياماني اڳواڻن جو هنگامي اجلاس، اسحاق ڊار جي بريفنگ

اسلام آباد (بيورو) پارلياماني جماعتن جي اجلاس ۾ جي يــُو آءِ ۽ ايم ڪيو ايم تحريڪ انصاف جَي ميمبرن کي نااهل قرار ڏيڻ لاءِ جمع ڪرايل رٿون واپس وٺڻ لاءِ وڌيڪ وقت گهـُري ورتو. پارليامينٽ هائوس جِي وزيراعظم چيمبر ۾ ميان نواز شريف جي صدارت هيٺ پارلياماني پارٽين جو هنگامي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه، مولانا فضل الرحمان، سراج الحق، محمود خان اچڪزئي، رشيد گوڊيل، غلام احمد بلور، خالد مقبول صديقي، اعجاز الحق، پرويز رشيد، اسحاق ڊار ۽ خواجا سعد رفيق شرڪت ڪئي، جڏهن ته پي ٽي آءِ جو ڪو به اڳواڻ شريڪ نه ٿيو. پارلياماني جماعتن جي اجلاس ۾ انڪوائري ڪميشن جِي رپورٽ، پي ٽي آءِ ميمبرن کي ڊي سيٽ ڪرڻ لاءِ متحده ۽ جي يو آءِ جِي رٿن جِي واپسي توڙي چونڊ سڌارن بابت تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ان موقعي تي ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار پارلياماني ڪميٽي پاران چونڊ سڌارن ۾ ڪيل اڳڀرائي بابت بريفنگ پڻ ڏني. اجلاس دوران جي يو آءِ (ف) ۽ ايم ڪيو ايم تحريڪ انصاف جي ميمبرن کي نااهل قرار ڏيڻ لاءِ اسيمبلي ۾ جمع ڪرايل رٿون واپس وٺڻ بابت پارليامينٽ کان ٻاهر ويٺل سياسي جماعتن سان صلاح مشوري لاءِ مهلت گهـُري. اجلاس ۾ ايم ڪيو ايم اڳواڻ رشيد گوڊيل موقف اختيار ڪيو ته پي ٽي آءِ جي ڌرڻي ۾ پارليامينٽ ۽ سياسي اڳواڻن خلاف غير اخلاقي زبان استعمال ڪئي وئي. رشيد گوڊيل چيو ته حڪومت پنهنجي آسانيءَ لاءِ تحريڪ انصاف جي ميمبرن جو استعيفائون قبول نٿي ڪرڻ چاهي. جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته آئين ۽ قومي اسيمبلي جي قاعدن موجب پي ٽي آءِ جا ميمبر استعيفيٰ ڏئي چـُڪا آهن، سندن استعيفائون منظور نه ڪرڻ واري ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *