سڀني سياسي پارٽين جڊيشل ڪميشن جي رپورٽ تي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو آهي: پرويز رشيد

اسلام آباد(بيورو)  سڌسماءَ واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته پارلياماني اڳواڻن جڊيشل ڪميشن جي رپورٽ تي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو آهي. اسلام آباد ۾ وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ پارلياماني اڳواڻن جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي پرويز رشيد چيو ته اجلاس ۾ تحريڪ انصاف جي استعيفائن ۽ جڊيشل ڪميشن جي رپورٽ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هن ٻڌايو ته اجلاس دوران سڀني سياسي پارٽين جڊيشل ڪميشن جي رپورٽ تي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو، جڏهن ته تحريڪ انصاف جي ميمبرن کي ڊي سيٽ ڪرڻ بابت جي يو آءِ ۽ ايم ڪيو ايم جي جمع ڪرايل رٿن جي حوالي سان به تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي، ان ڏس ۾ سڀني سياسي پارٽين پنهنجي موقف جي حوالي سان آئيني ۽ سياسي نقطا پيش ڪيا. وفاقي وزير جو چوڻ هو ته وزيراعظم نواز شريف سڀني پارلياماني اڳواڻن جو موقف ٻڌڻ کانپوءِ ايم ڪيو ايم ۽ جي يو آءِ جي اڳواڻن کي تحريڪ انصاف خلاف رٿون واپس وٺڻ جو چيو، جنهن تي ٻنهي پارٽين پنهنجي پنهنجي پارٽين سان مشورو ڪرڻ لاءِ وقت گهري ورتو. سندس چوڻ هو ته وزيراعظم نواز شريف مسلم ليگ (ن) جي وزيرن کي ذميواري سونپي ته اهي ٻنهي پارٽين سان رابطي ۾  رهن ۽ کين پنهنجون رٿون واپس وٺڻ تي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *