وزيراعظم جو پيغام ٻڌي مايوسي ٿي، آصف زرداري تي سياسي ڪيس آهن، پ پ پنهنجي ايجنڊا نه ڇڏيندي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) صوبائي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته آصف علي زرداري تي ڪيس سياسي بنيادن تي ٺاهيا ويا آهن ۽ ان جو مقصد اسان جي قيادت کي هراسان ڪرڻ آهي پر پيپلز پارٽي پنهنجي ايجنڊا کان پوئتي نه هٽندي. خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته عدالت جي تفصيلي فيصلي کان پوءِ حڪمت عملي ڏينداسين، اها نئين روايت آهي، ڪيس کي مختلف تاريخن تي ٻڌو ويو ۽ اڄ ان جو فيصلو ٻڌايو ويو، نه ٻڌايو ويو ته ڪهڙي قانون جي بنياد تي ضمانت رد ڪئي وئي. هن چيو ته هي ڪيس سياسي بنيادن تي ٺاهيا ويا ۽ ان جو مقصد پيپلز پارٽي جي قيادت کي هراسان ڪرڻو آهي، ماضي ۾ به اهو شيون ٿينديون رهيون آهن، بلاول ڀٽو زرداري ان ڏس ۾ سينٽرل ايگزيڪٽو ڪميٽي سان مشاورت کان پوءِ ايندڙ حڪمت عملي طئي ڪندو. مرتضيٰ وهاب جو چوڻ هو ته هي سڀ اسان لاءِ نئون ناهي، آصف زرداري 12 ورهيه قيد ڪاٽي چڪو آهي، هراسان ڪرڻ باوجود آصف زرداري بهادري سان ڪيسن کي منهن ڏنو، ماضي ۾ ڇا ۽ هاڻي ڇا ڪندا، اسان عوامي سياسي پارٽي آهيون ۽ عوام سان گڏ رهنداسين. سنڌ حڪومت جي صلاحڪار وڌيڪ چيو ته بلاول ڀٽو زرداري حڪومت مخالف تحريڪ اڃا شروع ناهي ڪئي، جڏهن کان عمران خان وزيراعظم بڻيو آهي ته 90 ڏينهن کان پوءِ ڏٺو ته هي پاليسي سان ڪم نه ڪري سگهيو ۽ پارليامنٽ کي اعتماد ۾ نه ورتو، حڪومت عوام دشمن معاشي پاليسي جوڙي ۽ ان جي بلاول کلي مخالف ڪئي. سندس چوڻ هو ته عوامي رابطا مهم هڪ الڳ ايجنڊا هو، پرهاڻ فيصلو اچي ويو آهي ته پوءِ ڪيس جي نوعيت ڏسنداسين، اڄوڪو سي اي سي جو اجلاس معمول جو هو پر هاڻ عدالتي فيصلي تي غور ويچار ڪنداسين، پيپلز پارٽي پنهنجي ايجنڊا کان پوئتي نه هٽنداسين، اسان عوامي مسئلن تي سياست ڪرڻ چاهيون ٿا، اسان ملڪ گير سياست ڪنداسين ۽ جتي احتجاج ڪرڻو پوندو اسان ڪنداسين. مرتضيٰ وهاب چيو ته آصف زرداري جي معاملي تي قانوني طريقيڪار کي فالو ڪنداسين، شايد انصاف فوري نه ملي پر ملندو. ٻئي طرف ويراعظم عمران خان جو پيغام ٻڌي مايوسي ٿي، يارنهن مهينن ۾ هڪ به سٺي خبر ناهي ملي. خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته وزيراعظم عمران خان جي اڄ قوم جي نالي پيغام کي تنقيد جو نشانو بڻايو. صوبائي صلاحڪار وڌيڪ چيو ته عمران اقتدار ۾ ايندي ئي معاشي ۽ سماجي انقلاب آڻن جون دعوائون ڪيون هيون، وقت اچي ويو آهي عمران خان ماضي ۾ رهڻ ڇڏي ڏئي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *