قانون ۽ احتساب سڀني لاءِ برابر هجي ها ته جعلي وزيراعظم ڪٽهڙي ۾ هجي ها: مريم نواز

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) نواز ليگ جي نائب صدر مريم نواز آصف زرداري جي گرفتاري تي ردعمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته قانون ۽ احتساب سڀني لاءِ برابر هجي ها ته جعلي وزيراعظم ڪٽهڙي ۾ هجي ها. سماجي رابطن واري ويبسائيٽ ٽوئيٽر تي بيان جاري ڪيل بيان ۾ مريم نواز اڳوڻي صدر آصف زرداري جي گرفتاري تي ردعمل ظاهر ڪيو ۽ چيو ته قانون سڀني لاءِ برابر ۽ احتساب غيرجانبداراڻو هجي ها ته چور دروازي کان آيل جعلي اعظم پنهنجو ۽ پنهنجي ڀيڻ جو حساب ڏيڻ لاءِ اڄ ڪٽهڙي ۾ هجي ها. هُن چيو ته اپوزيشن اڳواڻن کي چونڊي چونڊي گرفتار ڪيو پيو وڃي،جعلي اعظم اُن جواب کان نٿو ڀڄي سگهي، جيڪو کيس هر صورت ۾ڏيڻو پوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *