وزيراعظم اديبن ۽ شاعرن لاءِ اضافي مراعت جي منظوري ڏيئي ڇڏي

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم جي قومي تاريخي ۽ ادبي ورثي واري صلاحڪار عرفان صديقي چيو آهي ته وزيراعطم نوازشريف اديبن، شاعرن ۽ قلمدانن جي لاءِ انهن سمورن اضافي مالي مراعتن جي قانوني منظوري ڏني آهي جنهن جو اعلان هن گذريل مهيني قلمندان جي چوٿين بين الاقوامي ڪانفرنس جي افتتاحي اجلاس جي خطاب ۾ ڪئي هئي جمعي تي ڳالهائيندي عرفان صديقي ٻڌايو ته هن وقت 354 اديبن ۽ شاعرن کي لائف انشورنس جي سهولت حاصل آهي وزيراعظم اديبن ۽ شاعرن جي لائف انشورنس لاءِ انگ 354 مان وڌائي 700 ڪيو آهي هن وقت طبي موت تي هڪ لک ۽ حادثي موت جي صورت ۾ 2 لک وارثن کي بطور انشورنس رقم ادا ڪئي ويندي وزيراعظم اها رقم وڌائي 2 لک ۽ 4 لک رپيا ڪئي آهي. وزيراعظم ان وظيفن جو انگ 500 مان وڌائي هڪ هزار ڪيو آهي ان کان سواءِ وظيفي جي موجوده پنج هزار رپيا ماهوار جي رقم وڌائي 13 هزار رپيا ماهوار ڪئي ويئي آهي عرفان صديق وڌيڪ چيو ته هن وقت اديب پاڪستان جي ذريعي قومي ۽ علائقائي ٻولين جي ڪتابن تي 11 سالياني ايوارڊ ڏنا پيا وڃن وزيراعظم انهن ايوارڊن جو انگ 20 ڪيو آهي ته جيئن نوجوان ۽ عورتون قلمندانن جي به حوصله افزائي ٿي سگهي. وزيراعظم مشهور افسانو نگار ۽ ناول نگار انتظار حسين مرحوم جي نالي تي انتظار حسين ايوارڊ جي به منظوري ڏني آهي هر سال ان ايوارڊ جي حقدار اديبن کي 10 لک رپين جو انعام ڏنو ويندو هن چيو ته وزيراعظم پاران اديبن ۽ قلمندانن جي لاءِ اضافي مالي مراعتون ۽ انهن تي خرچ ٿيندڙ رقم جي منظوري کي ڀليڪار ڪندي توقع ظاهر ڪئي ته اهڙن قدمن سان نه صرف اديبن شاعرن ۽ قلمدانن جي سرپرستي ٿيندي پر علمي ۽ ادبي سرگرمين کي به هٿي ملندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *