اڳوڻي ڪمشنر ڪراچي سميت 118 آفيسرن ۽ ڏوهارين خلاف ڪارروائي جو فيصلو

ڪراچي (اين اين آءِ) ڪراچي جي احتساب عدالت زمينن ۾ ملوث ڪي ايم سي آفيسرن سميت 118 جوابدارن خلاف ريفرنس داخل ڪرايو ويو آهي ، عدالت ريفرنس ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي شاهدن کي طلب ڪري ورتو آهي. تفصيل موجب جمعي تي ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ نيب اختيارن پاران ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ زمينن ۾ ملوث ڪي ايم سي آفيسرن سميت 118 جوابدارن خلاف ريفرنس داخل ڪيو ويو، ريفرنس ۾ اڳوڻو ڪراچي جو ڪمشنر سميت محمد شهزاد، صبا اسلام، محسن، محمد شڪور، سيف عباسي ۽ سهيل يار خان سميت وڌيڪ کي نامزد ڪيو ويو آهي ان کانپوءِ عدالت ريفرنس ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي شاهدن کي طلب ڪري ورتو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *