ورلڊ اليون جو دورو ڪامياب ٿيڻ ضروري آهي، ٽڪيٽن ۾ زيادتي نه ٿيندي: نجم سيٺي

لاهور(اسپورٽس  نيوز)پي سي بي چيئرمين نجم سيٺي چيو آهي ته ٽڪيٽن جي معاملي ۾ ڪنهن سان زيادتي نه ٿي رهي  آهي، ورلڊ اليون جي دوري سان ملڪ ۾ عالمي ڪرڪيٽ بحال ٿيندي. لاهور ۾ انڊپيٽڊنٽس ڪپ سيريز جي لوگو جي نمائش کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي نجم سيٺي چيو ته ٽڪيٽون خريد ڪرڻ لاءِ هڪ اڌ ڪلاڪ انتظار ڪرڻ سان مايوس نه ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته اسان کي دنيا اڳيان پاڪستان جو هاڪاري رخ ڏيکارڻو آهي، ناڪاري نه. سندس چوڻ هو ته اسان کي سڀني جي حمايت جي ضرورت آهي، اها اڃا پهرين وک آهي. نجم سيٺي چيو ته مسئلا ضرور آهن پر ٽڪيٽون حاصل ڪندڙن جو تعداد ۽ جذبو وڌيڪ آهي. هن چيو ته ورلڊ اليون جو پاڪستان جو دورو ڪامياب ٿيڻ تمام گهڻو ضروري آهي. سندس چوڻ هو ته انڊپيٽنڊنٽس ڪپ اسان لاءِ تمام گهڻو اهم آهي، ورلڊ اليون سان مقابلي لاءِ متوازن ٽيم ٺاهي وئي اهي. نجم سيٺي چيو ته اسپانسرز اسان جي ايونٽ کي ڀرپور نموني سپورٽ ڪري رهيا آهن. سندس چوڻ هو ته سريلنڪن ٽيم پاڪستان ۾ هڪ ميچ کيڏندي، ڪوشش آهي ته 2 ميچون ٿي وڃن. نجم سيٺي چيو ته پي ايس ايل جون چار ميچون ڪراچيءَ ۾ به ڪرايون وينديون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *