رڳو خوبصورتي ڪافي ناهي، فن جا جراثيم به لازمي آهن: صبا قمر

لاهور(شوبز نيوز)اداڪاره صبا قمر چيو آهي ته ڪو به فنڪار رڳو خوبصورتيءَ جي بنياد تي نالو نه ٿو ڪمائي سگهي پر فن جا جراثيم هئڻ لازمي آهي. هڪ انٽرويو ۾ صبا قمر چيو ته مان ڏکي وقت ۾ ڪڏهن دوستن کي نه وساريو آهي ۽ نه وري ايئن ڪري سگهان ٿي. هن چيو ته شوبز سميت ڪو به شعبو هجي جيڪڏهن توهان مهارت نه ٿا رکو ته اڳتي نه ٿا وڌي سگهو، اهو ئي نه ٿو چئي سگهجي ته شوبز ۾ خوبصورت چهرا ئي ڪاميابي حاصل ڪري سگهن ٿا، ان جي ابتڙ فن تي عبور حاصل ڪندڙن وڌيڪ نالو ڪمايو آهي. سندس چوڻ هو ته مان پنهنجي ماضيءَ کي ڪڏهن نه وساريندي آهيان خاص ڪري ڏکي وقت ۾ جن دوستن ساٿ ڏنو کين زندگيءَ ۾ ڪڏهن به وساري نه ٿي سگهان.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *