ورلڊبينڪ سکر بئراج جي بحاليءَ لاءِ آسان شرطن تي قرض ڏيڻ تي راضي ٿي وئي: وڏو وزير

سکر (بيورو)  : سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته عالمي بينڪ سکر بئراج جي بحالي ۽ مرمت واري منصوبي لاءِ آسان شرطن تي قرض ڏيڻ تي راضي ٿي وئي آهي، بحالي واري منصوبي کانپوءِ سکر بئراج مان 15 لک ڪيوسڪ پاڻي آساني سان گذري سگهندو، هن وقت وڏي ٻوڏ جو ڪو خطرو نه آهي، اُلرا جاگير سميت سمورن حساس بندن تي مرمتي ڪم جاري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاهه سکر بئراج تي آبپاشي کاتي پاران ٻوڏ جي صورتحال ۽ اڳواٽ تيارين جي حوالي سان بريفنگ کانپوءِ ميڊيا س ان ڳالهائيندي ڪيو. اِن موقعي تي قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌُر جو اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه ۽ ٻيا به موجود هئا. وڏي وزير وڌيڪ چيو ته سنڌ زرعي صوبو آهي ۽ ان جي 80 سيڪڙو معيشت جو دارومدار زراعت تي آهي، پاڻي اسان جو جياپو آهي، ايريگيشن سسٽم کي بهتر بڻائڻ لاءِ حڪومت سنجيده قدم کڻي رهي آهي، سکر بئراج وٽ پانڊ ليول وڌائڻ ۽ ٻيٽ ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. وزيراعليٰ وڌيڪ چيو ته ورلڊ بينڪ ۽ ٻين مشهور انٽرنيشنل ڪمپنين جي ماهرن پنهنجي فزيبلٽي ۽ اسٽڊي رپورٽ ۾ چيو آهي ته هن وقت سکر بئراج 12 لک ڪيوسڪ کان وڌيڪ پاڻي برداشت نه ٿي ڪري سگهي، جيڪڏهن سکر بئراج جي بحالي وارو منصوبو مڪمل ٿي ويو ته پوءِ 15 لک ڪيوسڪ پاڻي به گذري سگهي ٿو. هن چيو ته 9 آگسٽ تي عالمي بينڪ، پاڻي ۽ آبپاشي ماهرن ۽ اعليٰ آفيسرن جي اهم گڏجاڻي سکر ۾ ئي ڪوٺائي وئي آهي، جنهن ۾ ماهرن کان رايا ورتا ويندا. وزيراعليٰ چيو ته سکر بئراج جي متبال نئين بئراج ٺاهڻ لاءِ وڏو پئسو گهرجي، پر تنهن هوندي به بئراج جي بحالي واري منصوبي مڪمل ٿيڻ سان اسانکي 10-15 سالن جو وقت ملي ويندو، اسان کي نئين بئراج ضرور ٺاهڻي آهي ان لاءِ هاڻي کان ئي تياري ڪئي وڃي. وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو ته سنڌ اندر سنڌودرياهه تي ڪُل 46 حساس جڳهون آهن، اُلرا جاگير ۽ قادرپور بند سميت انتهائي حساس بندن تي مرمت وارو ڪم جاري آهي. هن چيو ته اُلرا جاگير تي پهريان عارضي طور مرمتي ڪم ڪيو ويندو هو پر هاڻي اُتي اسپرس تيار ڪيا پيا وڃن، جن تي تيزي سان ڪم جاري آهي. وڏي وزير چيو ته هن وقت گڊو بئراج وٽ پاڻي 3 لک ڪيوسڪ کان وڌيڪ آهي ۽ آبپاشي کاتي وارن اڳڪٿي ڪئي آهي ته هلندڙ مهيني جي 26 تاريخ تائين وڏي ٻوڏ نه ايندي، تنهن هوندي به سمورن لاڳاپيل کاتن کي الرٽ رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. اِن کان اڳ سيڪريٽري آبپاشي ظهير حيدر شاهه بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته 20 جولاءِ تائين ساڍا چار لک ڪيوسڪ پاڻي گڊو وٽ پهچڻ جو امڪان آهي، بندن ۽ بئراجن جي صورتحال بهتر پوزيشن ۾ آهي ۽ بندن جي چوڪسي سخت ڪئي وئي آهي. سيڪريٽري آبپاشي ٻڌايو ته آبپاشي کاتي وٽ فنڊن جي کوٽ آهي، وفاق پاران 4 ارب رُپيا ملڻا هئا، پر رُڳو هڪ ارب مليا آهن. هن ٻڌايو ته عالمي ماهرن سکر بئراج، رائيٽ بينڪ هيڊورڪس جي مرمت ٿيڻ سميت بند ٿيل دروازن جي بحالي ۽ اُنهن جي کولڻ کي لازمي قرار ڏنو آهي. بريفنگ دوران  قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌُر جو اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه، ايم اين اي نعمان اسلام شيخ، ايم پي ايز سيد ناصر شاهه، اويس قادر شاهه، صوبائي صلاحڪار ڊاڪٽر ارشد مغل، وزيراعليٰ سنڌ جو پوليٽيڪل سيڪريٽري لعل بخش منگي، ڪمشنر سکر ڊويزن محمد عباس بلوچ، ڪمشنر لاڙڪاڻو ڊويزن اڪبر لغاري، ڊي آءِ جي سکر ڪامران افضل، سکر، خيرپور ۽ گهوٽڪي جي ڊپٽي ڪمشنرن سميت ٻيا لاڳاپيل عملدار پڻ موجود هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *