گهرو وزارت پاران ايان علي ۽ علي حسن زرداري سوڌو ٽن ڄڻن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل

اسلام آباد(بيورو) مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ملوث ماڊل ايان علي ۽ ڪرپشن ۾ ملوث ٻن آفيسرن جا نالا اي سي ايل ۾ وجهي سندن پرڏيهه وڃڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي. گهرو وزارت ايان علي جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪيو جنهن کان پوءِ هوءَ ٻاهر نٿي وڃي سگهي، ساڳئي ريت ڪرپشن ۾ ملوث ٻن آفيسرن عاشق ولي زرداري ۽ علي حسن زرداري جي پرڏيهه وڃڻ تي به پابندي وجهندي سندن نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪيا ويا آهن. گهرو وزارت جو چوڻ آهي ته ٻنهي آفيسرن جي خلاف ڪرپشن جي نيب کان جاچ ڪرائي ويندي. ايان علي سوڌو ٽنهي ڄڻن جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ بابت سڄي ملڪ جيايئر پورٽ اختيارين کي ٻڌايو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *