واپاري سرگرميون وڌائڻ لاءِ ٽيڪنالوجي جو وڌ کان وڌ استعمال اڻٽر آهي: صدر عارف علوي

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان جي صدر ڊاڪٽر عارف علوي، سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ ۽ واپاري سرگرميون وڌائڻ لاءِ ڪاروبار ۾ آساني پيدا ڪرڻ ۽ سڌارن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته واپاري سرگرميون وڌائڻ لاءِ ٽيڪنالوجي جو وڌ کان وڌ استعمال اڻٽر آهي صنعتڪارن جي صلاح مشوري سان ٽيڪسٽائيل انڊسٽري بحال ٿي سگهي آهي هو جمعي تي ايوان صدر ۾ آسان ڪاروبار پروگرام جي لانچنگ جي حوالي سان ڪوٺايل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو تقريب جو اهتمام بورڊ آف انويسٽمينٽ واپار واري وزرت جي سهڪار سان ڪيو هو تقريب ۾ عبدالرزاق دائود، بورڊ آف انويسٽمينٽ جو چيئرمين محمد اظفر احسن، پرڏيهي سفارتڪار، تاجر تنظيمن جي نمائندن ۽ اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي صدر چيو ته ملڪ ۾ سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار سان روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا ڊاڪتر عارف علوي ان موقعي تي ڪاروبار بابت پورٽل جاري ٿيڻ کي ساراهيندي چيو ته ان سان واپارين ۽ سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ واپار بابت آگاهي حاصل ٿيندي صدر تقريب جي اهتمام تي بورڊ آف انويسٽمينٽ ۽ ٻين ادارن کي مبارڪون ڏيندي چيوته قومون سڌارن سان ترقي ڪن ٿيون هن چيو ته ٽيڪنالوجي جي استعمال سان ملڪ کي فائدو ٿيندو عورتن کي به ڊجيٽل سيڪٽر ۾ شامل ڪيو پيو وڃي صدر چيو ته صوبائي حڪومتن ان منصوبي تي عمل لاءِ بورڊ آف انويسٽمينٽ سان مڪمل تعاون ڪيو آهي جيڪو هڪ سٺو قدم آهي. مملڪتي وزير ۽ چيئرمين بورڊ آف انويسٽمينت محمد اظفر احسن تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته بورڊ آف انويسٽمينٽ ڪاروباري ماحول کي سازگار بنائڻ لاءِ مختلف قدم کنيا آهن 100 کان وڌيڪ سڌارن تي عمل ڪيوويو آهي جنهن سان پاڪستان ۾ سرمايو لڳائڻ لاءِ سازگار ماحول قائم ڪرڻ ۾ مدد ملندي وفاقي ۽ صوبائي کاتن سان 167 سدارن تي غور ڪيو ويو ڪل 75 ادارن ۾ 115 سڌارن تي عمل ڪيو ويو جنهن سان 30 کان وڌيڪ شعبن کي فائدو ٿيو آهي جنهن ۾ فوڊ پراسيسنگ، صحت وارو شعبي شمسي توانائي جو ڪاروبار ۽ سياحت جا شعبا شامل اهن عبدالرزاق دائود چيو ته حڪومت ملڪ جي اقتصادي ۽ سماجي ترقي لاءِ وڏا قدم کڻي رهي آهي. واپاري سرگرميون وڌائڻ لاءِ سڌارن جو عمل 2019 ۾ شروع ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ ڪمپني ٺاهڻ ۽ ڪاروبار شروع ڪرڻ ۾ سولائي ٿي آهي ٽيڪنالوجي جي استعمال سان سيڙپڪارن ۽ تاجرن لاءِ مسئلن کي گهٽايو ويو آهي هن صوبائي ۽ ضلعي سطح تي ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار جي معاونت جي ضرورت تي زور ڏنو تقريب کي عالمي بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بن حسائن به خطاب ڪيو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *