اپوزيشن مائنس ون چاهي ٿي، جيڪو ڪنهن صورت نٿو ٿي سگھي: عمران خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اپوزيشن وارا مائنس ون چاهين ٿا، ائين ڪنهن به صورت ۾ نٿو ٿي سگھي، اهڙا قدم کڻنداسين جو مستقبل ۾ ڪنهن کي هارس ٽريڊنگ جي جرئت نه ٿيندي. وزيراعظم عمران خان سينيئر وزيرن کي بني گالا گھرايو، جنهن ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، گھرو وزير شيخ رشيد، بچاءَ وارو وزير پرويز خٽڪ ۽ سڌ سماءَ وارو وزير فواد چوڌري شريڪ ٿيا، اجلاس ۾ هاڻوڪي سياسي صورتحال ۾ حڪومتي حڪمت عملي تي مشاورت ٿي. وزيراعظم عمران خان سيڪريٽري جنرل عامر ڪياني ۽ بابر اعواڻ کي ڪارروائي جي هدايت ڪندي چيو ته اهڙا قدم کنيا ويندا جو مستقبل ۾ ڪنهن کي هارس ٽريڊنگ جي جرئت نه ٿيندي، 27 مارچ جي جلسي ۾ قوم تبديلي سان نظر ايندي، اپوزيشن وارا ڀلي جيترو به پئسو لڳائين انهن جو مقابلو ڪندس. ان کان پهرين وزيراعظم عمران خان سان گهرو وزير شيخ رشيد ملاقات ڪئي ۽ ملڪي سياسي صورتحال تي غور ڪيو ويو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *