والاريل ڪشمير جي انساني الميي جي خاتمي جو وقت اچي ويو آهي: آرمي چيف

اسلام آباد (اين اين آءِ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته والاريل ڪشمير جو عوام قابض ڀارتي فورسز جي بدترين لاڪ ڊائون ۾ رياستي جبر ۽ ظلم برداشت ڪري رهيو آهي، هن انساني الميي کي ختم ڪرڻ جو وقت آهي، ڪشمير تڪرار کي ڪشميرين جي امنگن ۽ يو اين ٺهرائن جي موجب حل ٿيڻ گهرجي. ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل بابر افتخار يوم يڪجهٽي ڪشمير جي موقعي تي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جو بيان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪيو.  آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو ته هو ڪشميرين کي هن کي حقيقي جدوجهد تي سلام پيش ڪري ٿو، والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جو عوام ڀارت جو بدتري رياستي ظلم، جبر ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙين کي برداشت ڪري رهيو آهي.  آرمي چيف جو چوڻ هو ته والاريل ڪشمير جي عوام قابض ڀارتي فورسز جي بدترين لاڪ ڊائون کي منهن ڏنو. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه وڌيڪ چيو ته هن انساني الميي کي ختم ڪرڻ وقت هي ئي آهي، ڪشمير تڪرار يو اين جي ٺهرائن ۽ ڪشميرين جي امنگن جي موجب حل ٿيڻ گهرجي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *